an-Nazi`at (النَّازِعَات)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 79 • 46 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
79:1 اندر گھڙي (ساھ) ڇڪي آئيندڙن (ملائڪن) جو قسم آھي
79:2 ۽ کولي آسانيءَ سان (ساھ جي) ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي
79:3 ۽ چڱيءَ طرح سان تَرندڙن جو قسم آھي
79:4 پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي
79:5 پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن (ملائڪن جي) ٽولين جو قسم آھي
79:6 تہ جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي
79:7 اُن کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو
79:8 تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون
79:9 اُنھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جَھڪيون ھونديون
79:10 (ھن ڪري تہ) چون ٿا تہ اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
79:11 ڀلا جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون (تڏھن وري جيئنداسون ڇا؟)
79:12 چوندا آھن تہ اُنھيءَ مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي
79:13 پوءِ اِھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي
79:14 پوءِ اُتي جو اُتي اُھي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا
79:15 (اي پيغمبر!) تو وٽ موسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
79:16 جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو
79:17 تہ فرعون ڏانھن وڃ ڇو تہ ھو حد کان لنگھيو آھي
79:18 پوءِ (اُن کي) چئو تہ ھن ڏانھن (ڪجھ) خيال اٿئي تہ سڌرجين؟
79:19 ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن تو کي (سڌو) رستو ڏيکاريان تہ (تون اُن کان) ڊڄين
79:20 پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين
79:21 پوءِ (فرعون موسىٰ کي) ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين
79:22 وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو
79:23 پوءِ (پنھنجيءَ قوم کي) گڏ ڪيائين، پوءِ پڙھو ڏنائين
79:24 پوءِ چيائين تہ آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون رب آھيان
79:25 پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو
79:26 بيشڪ ھن (قصي) ۾ انھيءَ لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي
79:27 ڀلا بڻاوت ۾ وڌيڪ ڏکيا اوھين آھيو يا آسمان؟ جنھن کي الله بڻايو
79:28 اُن جي ٿولھ بلند ڪيائين، پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين
79:29 ۽ اُن جي رات کي اونداھو ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين
79:30 ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين
79:31 اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين
79:32 ۽ جبلن کي مضبوط کوڙيائين
79:33 اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ
79:34 پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو
79:35 اُُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو، جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھئائين
79:36 ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو
79:37 پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو
79:38 ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي اختيار ڪيو ھوندائين
79:39 تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي
79:40 ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ جي ھنڌ کان ڊنو ۽ نفس کي (ھر) خواھش کان جھليائين
79:41 پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي
79:42 (اي پيغمبر!) تو کان قيامت بابت پُڇن ٿا تہ اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
79:43 (اي پڇندڙ!) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
79:44 اُن جي پڄاڻيءَ (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي
79:45 جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين
79:46 جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ايئن ڀانئيندا تہ ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا اُن جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نہ ھئا