`Abasa (عَبَسَ)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 80 • 42 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
80:1 منھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين
80:2 ھن ڪري جو وٽس نابين آيو
80:3 ۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا
80:4 يا نصيحت ٻڌي ھا، پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا
80:5 پر جنھن بي پرواھي ڪئي
80:6 پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين
80:7 ھن ۾ تو تي (ڪا ميار) ڪانھي تہ اُھو نہ سُڌري
80:8 ۽ پر جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو
80:9 ۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄندو آھي
80:10 پوءِ تنھن کان تون غافل ٿئين ٿو
80:11 ايئن نہ آھي، بيشڪ اِھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي
80:12 پوءِ جيڪو گھُري سو ان (قرآن) کي ياد ڪري
80:13 (بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ (لکيل) آھن
80:14 جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن
80:15 لکندڙن جي ھٿن ۾
80:16 جي سڳورا ڀلارا آھن
80:17 مار پئي انسان تي! جو ڪھڙو نہ بي شُڪر آھي!
80:18 (ڌيان ڪري تہ الله) ڪھڙي شئي مان پيدا ڪيس
80:19 منيءَ جي ھڪ ٽيپي مان، خلقيائينس، پوءِ (وڏي ٿيڻ جو) اندازو مقرر ڪيائينس
80:20 وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس
80:21 وري ماريائينس، پوءِ قبر ۾ رکايائينس
80:22 وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو
80:23 ايئن نہ آھي، جيڪي فرمايائينس سو پورو نہ ڪيائين
80:24 پوءِ جڳائي تہ ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي
80:25 تہ اسان پاڻيءَ کي چڱيءَ طرح (آسمان کان) پلٽيو
80:26 وري زمين کي پوريءَ طرح چيريوسون
80:27 پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون
80:28 ۽ انگور ۽ ترڪاريون
80:29 ۽ زيتون ۽ کجيون
80:30 ۽ گھاٽا باغ
80:31 ۽ ميوو ۽ (وھٽن جو) گاھ (بہ)
80:32 اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ
80:33 پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي
80:34 اُنھيءَ ڏينھن ماڻھو پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو
80:35 ۽ (پڻ) پنھنجيءَ ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان
80:36 ۽ پنھنجيءَ گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو
80:37 اُنھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي
80:38 ڪيترائي مُنھن اُن ڏينھن روشن ھوندا
80:39 کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا
80:40 ۽ ڪيترائي مُنھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي
80:41 جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي
80:42 اِھي ئي مُنڪر بدڪار آھن