81:1
جڏھن سج ويڙھبو
81:2
۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا
81:3
۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا
81:4
۽ جڏھن ڍُڪيون ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون
81:5
۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا
81:6
۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا
81:7
۽ جڏھن ماڻھو پاڻ ۾ ملائبا
81:8
۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي
81:9
تہ ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري ويئي؟
81:10
۽ جڏھن اعمالناما کولبا
81:11
۽ جڏھن آسمان ڇلبو
81:12
۽ جڏھن دوزخ ڀڙڪائبو
81:13
۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو
81:14
(تڏھن) ھر ھڪ ماڻھو جيڪي حاضر ڪيو سو ڄاڻندو
81:15
پوئتي ھٽندڙن تارن جو قسم کڻان ٿو
81:16
جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن، (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن
81:17
۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي
81:18
۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن ڦٽندو آھي
81:19
تہ بيشڪ اِھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (ملائڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي
81:20
جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي
81:21
جو مڃوتيءَ وارو اُتي، (مَلڪوت ۾) امين آھي
81:22
۽ (ھيءُ) اوھان جو سنگتي (محمد ﷺ ڪو) چريو نہ آھي
81:23
۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتيءَ) اُن (ملائڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي
81:24
۽ اِھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نہ آھي
81:25
۽ (اھو) قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نہ آھي
81:26
پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟
81:27
ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ آھي
81:28
اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي
81:29
۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ اوھين گھُري نہ سگھندؤ