al-Infitar (الإِنْفِطَار)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 82 • 19 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
82:1 جڏھن آسمان ڦاٽندو
82:2 ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا
82:3 جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا
82:4 ۽ جڏھن قبرون پٽبيون
82:5 (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھئائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھئائين
82:6 اي ماڻھو! تو کي تنھنجي (اُنھيءَ) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙيءَ شئي ٺڳيو؟
82:7 جنھن تو کي پيدا ڪيو، پوءِ تو کي سنئين لڱين ڪيائين، پوءِ تو کي برابر ڪيائين
82:8 جھڙيءَ صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجي جوڙ جوڙيائين
82:9 ايئن نہ آھي، بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو
82:10 ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن
82:11 سڳورا، لکڻ وارا
82:12 جيڪي اوھين ڪندا آھيو، سو ڄاڻندا آھن
82:13 بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا
82:14 ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا
82:15 عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا
82:16 ۽ اُن کان اُھي لڪل نہ ھوندا
82:17 ۽ ڪنھن سمجھايئي تہ عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
82:18 وري (بہ چئون ٿا تہ) ڪنھن سمجھايئي تہ عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
82:19 اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نہ سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (سڄي) حڪومت خاص الله جي ھوندي