al-Mutaffifin (المُطَفِّفِين)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 83 • 36 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
83:1 (تور ۽ ماپ) اُنھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي
83:2 جي جڏھن (پاڻ ۾) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن، تہ بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن
83:3 ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (تڏھن) گھٽائي ڏيندا آھن
83:4 اِھي يقين نہ ٿا ڪن ڇا تہ کين (ضرور) اُٿاربو؟
83:5 اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ
83:6 جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان اُٿي بيھندا
83:7 سچ آھي تہ بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي
83:8 ۽ ڪنھن سمجھايئي تہ سجين ڇا آھي؟
83:9 ھڪ لکيل دفتر آھي
83:10 اُن ڏينھن (اُنھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي
83:11 جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن
83:12 ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نہ ڀانئيندو
83:13 جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) چوندو آھي تہ (اِھي) اڳين جون آکاڻيون آھن
83:14 ايئن بلڪل نہ آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھئا، تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي وئي آھي
83:15 ايئن نہ آھي، پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھيءَ ڏينھن روڪيل ھوندا
83:16 وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ (پرٻاھرو) گھڙڻ وارا ھوندا
83:17 وري چئبن تہ ھيءُ اُھو دوزخ آھي، جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ
83:18 سچ آھي تہ بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلِّيّين ۾ آھي
83:19 ۽ ڪنھن سمجھايئي تہ عِلِّيّين ڇا آھي؟
83:20 ھڪ لکيل دفتر آھي
83:21 اُن وٽ (الله جا) مقرب (ملائڪ) حاضر رھندا آھن
83:22 بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمتن ۾ ھوندا
83:23 پلنگن تي ويھي نظارو پيا ڪندا
83:24 (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين
83:25 مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن
83:26 جنھن جي مُھر مشڪ جي ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي تہ اُنھيءَ ۾ شوق رکن
83:27 ان جي ملاوت تَسنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي
83:28 جو ھڪ چشمو آھي، جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا
83:29 بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھئا
83:30 ۽ جڏھن وٽانئن لنگھندا ھئا، تڏھن (مؤمنن تي حقارت ڪري) ھڪ ٻئي کي ميڇون ڏيندا ھئا
83:31 ۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھئا (تڏھن) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھئا
83:32 ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھئا (تڏھن) چوندا ھئا تہ بيشڪ اُھي گمراھ آھن
83:33 ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نہ موڪليا ويا ھئا
83:34 تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا
83:35 پلنگن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا
83:36 (۽ چون ٿا) تہ ڪافرن کي اُنھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھئا