84:1
                                        
                                    
                                    جڏھن آسمان ڦاٽندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:2
                                        
                                    
                                    ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:3
                                        
                                    
                                    ۽ جڏھن زمين پکيڙبي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:4
                                        
                                    
                                    ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:5
                                        
                                    
                                    ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:6
                                        
                                    
                                    اي ماڻھو! تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين، جو اُن کي (وڃي) ملندين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:7
                                        
                                    
                                    پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:8
                                        
                                    
                                    تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:9
                                        
                                    
                                    ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:10
                                        
                                    
                                    ۽ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺيءَ پويان ڏبو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:11
                                        
                                    
                                    سو سگھوئي موت کي سڏيندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:12
                                        
                                    
                                    ۽ دوزخ ۾ گھڙندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:13
                                        
                                    
                                    ڇو تہ اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:14
                                        
                                    
                                    بيشڪ اُنھيءَ ڀانيو ھو تہ (الله ڏانھن) ڪڏھن نہ موٽندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:15
                                        
                                    
                                    ھائو! (موٽندو)، ڇو تہ سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:16
                                        
                                    
                                    پوءِ شفق (سج لھڻ واري ڳاڙھاڻ) جو قسم کڻان ٿو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:17
                                        
                                    
                                    ۽ رات جو (قسم کڻان ٿو) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس (تنھن جو بہ)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:18
                                        
                                    
                                    ۽ چنڊ جو (قسم کڻان ٿو) جڏھن پورو روشن ٿئي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:19
                                        
                                    
                                    تہ ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:20
                                        
                                    
                                    پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي، جو ايمان نہ آڻيندا آھن؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:21
                                        
                                    
                                    ۽ جڏھن مٿن قرآن پڙھبو آھي، (تڏھن) سجدو نہ ڪندا آھن؟
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:22
                                        
                                    
                                    بلڪ (اِھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:23
                                        
                                    
                                    ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن، سو الله چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:24
                                        
                                    
                                    پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            84:25
                                        
                                    
                                    پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي