al-Buruj (البُرُوج)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 85 • 22 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
85:1 بُرجن واري آسمان جو قسم آھي
85:2 ۽ وعدي ڪيل ڏينھن (قيامت) جو قسم آھي
85:3 ۽ شاھد ۽ جنھن تي شاھدي ڏني وڃي، تنھن جو قسم آھي
85:4 تہ کاھين وارا ماريا وڃن (شال)
85:5 گھڻي ٻَل واري باھ وارا
85:6 جڏھن اُھي اُنھيءَ (باھ جي کاھين) تي ويٺل ھئا
85:7 ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو، تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھئا
85:8 ۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نہ ٿي ورتو تہ انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو
85:9 جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شئي جي خبر رکندڙ آھي
85:10 بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو، وري توبھ نہ ڪيائون، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ ساڙيندڙ عذاب (بہ) آھي
85:11 بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن، جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي ڪاميابي آھي
85:12 بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو پڪڙڻ بلڪل سخت آھي
85:13 بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو
85:14 ۽ اُھوئي بخشڻھار گھڻي مھر ڪندڙ آھي
85:15 (جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي
85:16 جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي
85:17 تو وٽ لشڪرن جي خبر (نہ) آئي آھي ڇا؟
85:18 (يعني) فرعون ۽ ثمود جي
85:19 بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن
85:20 ۽ الله سندن چئوڦير گھيرو ڪندڙ آھي
85:21 بلڪ ھيءُ سڳورو قرآن آھي
85:22 حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي