86:1
آسمان جو ۽ رات جي وقت ايندڙ جو قسم آھي
86:2
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
86:3
(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي
86:4
تہ ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نہ) آھي
86:5
تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي تہ نھاري ڏسي تہ کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي؟
86:6
ٽپي سان نڪرندڙ پاڻيءَ مان بڻايو ويس
86:7
جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي
86:8
بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي
86:9
جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا
86:10
تنھن ڏينھن نہ ڪا سگھ رھندس ۽ نہ ڪو واھرو (ھوندس)
86:11
۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي
86:12
۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (بہ) قسم آھي
86:13
تہ بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي
86:14
۽ ھيُ قرآن ڪا ڀوڳ (جي ڳالھ) نہ آھي
86:15
بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا
86:16
۽ (آءٌ بہ) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو
86:17
پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي