87:1
                                        
                                    
                                    (اي پيغمبر!) اُنھيءَ پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:2
                                        
                                    
                                    جنھن (ساريءَ مخلوقات کي) خلقيو، پوءِ سنئين لڱين ڪيائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:3
                                        
                                    
                                    ۽ جنھن اندازو ڪيو، پوءِ سڌو رستو ڏيکاريائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:4
                                        
                                    
                                    ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:5
                                        
                                    
                                    پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:6
                                        
                                    
                                    اسين تو کي (قرآن) پاڙھينداسون، پوءِ نہ وساريندين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:7
                                        
                                    
                                    مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي، تنھن کي (بہ)
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:8
                                        
                                    
                                    ۽ (نجات جو) آسان رستو تو کي سھنجو ڪري ڏينداسين
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:9
                                        
                                    
                                    پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏيڻ فائدو ڪري تہ نصيحت ڪر
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:10
                                        
                                    
                                    جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:11
                                        
                                    
                                    ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:12
                                        
                                    
                                    جو وڏيءَ باھ ۾ گھڙندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:13
                                        
                                    
                                    وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:14
                                        
                                    
                                    بيشڪ اُھو ڪامياب ٿيو جيڪو سڌريو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:15
                                        
                                    
                                    ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:16
                                        
                                    
                                    بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:17
                                        
                                    
                                    ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشہ رھڻ واري آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:18
                                        
                                    
                                    بيشڪ ھيءُ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (بہ لکيل) آھي
                                
                                
                        
                                    
                                        
                                            87:19
                                        
                                    
                                    جي صحيفا ابراھيم ۽ موسىٰ جا آھن