88:1
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
88:2
اُن ڏينھن ڪيئي مُنھن خوار ھوندا
88:3
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا
88:4
ٻرندڙ باھ ۾ گھڙندا
88:5
بلڪل تتي چشمي مان (پاڻي) پياربن
88:6
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ اُنھن لاءِ نہ ھوندو
88:7
(جو اُھو) نڪي (کين) ٿلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو
88:8
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا
88:9
پنھنجيءَ ڪمائيءَ کان راضي ھوندا
88:10
مٿاھين بھشت ۾ رھندا
88:11
اُتي ڪا اجائي ڳالھ نہ ٻڌندين
88:12
اُتي چشما وھندڙ آھن
88:13
اُتي بلند پلنگ (ھوندا)
88:14
۽ آبخورا رکيل
88:15
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل
88:16
۽ غاليچا وڇايل آھن
88:17
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نہ ڏسندا آھن ڇا؟ تہ ڪيئن خلقيا ويا
88:18
۽ آسمان ڏانھن تہ ڪيئن مٿي ڪيو ويو؟
88:19
۽ جبلن ڏانھن تہ ڪيئن کوڙيا ويا؟
88:20
۽ زمين ڏانھن تہ ڪيئن وڇائي وئي؟
88:21
پوءِ (اي پيغمبر!) تون نصيحت ڪر، جو تون رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين
88:22
تون مٿن ڪو داروغو نہ آھين
88:23
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو
88:24
تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو
88:25
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي
88:26
وري بيشڪ سندن حساب (وٺڻ) اسان جي ذمي آھي