89:1
پرھ جو قسم آھي
89:2
۽ (ذوالحج وارن) ڏھن راتين جو قسم آھي
89:3
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪيءَ جو قسم آھي
89:4
۽ رات جو قسم آھي، جڏھن ھلي
89:5
ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ ڪو (ڀروسي جوڳو) قسم آھي (يا نہ؟)
89:6
نہ ڏٺئي ڇا تہ (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو؟
89:7
(جي) اِرم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھئا
89:8
جن جھڙو شھرن ۾ ڪوئي نہ خلقيو ويو آھي
89:9
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين!) جن وادي ۾ (گھرن ٺاھڻ لاءِ) پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون
89:10
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪيئن ڪيائين)
89:11
اِنھن (مڙني ٽولين) شھرن ۾ سرڪشي ڪئي
89:12
پوءِ منجھس فساد گھڻو ڪيائون
89:13
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو
89:14
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي
89:15
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، تڏھن چوندو آھي تہ منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو
89:16
۽ جڏھن کيس (ٻيءَ طرح ھيئن) پرکيندو آھي، جو مٿس سندس روزي تنگ ڪندو آھي، تڏھن چوندو آھي تہ منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو
89:17
(ھرگز) ايئن نہ آھي، بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نہ ڏيندا آھيو
89:18
۽ نڪي مسڪين جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو
89:19
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو
89:20
۽ گھڻي محبت سان مال کي پيارو رکندا آھيو
89:21
ايئن نہ ڪجي، جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪُٽي ڪُٽي سنئين ڪئي ويندي
89:22
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ قطار قطار ٿي (ايندا)
89:23
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل اُھا (نصيحت وٺڻ) ڪٿي فائدي واري آھي!
89:24
چوندو تہ ھاءِ ارمان! جيڪر پنھنجي (ھن ھميشہ جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا
89:25
پوءِ اُنھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبہ ڪونہ عذاب ڪندو
89:26
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو
89:27
(مؤمنن کي چئبو تہ) اي آرام وٺڻ وارا ساھ!
89:28
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين، (ھو توکان) راضي ٿيل آھي
89:29
تنھنڪري (تون) منھنجي (خاص) ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ
89:30
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ