90:1
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو
90:2
۽ تون ھن شھر ۾ (تہ) رھندڙ آھين
90:3
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ اُن جو جيڪو ڄايو
90:4
تہ بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون
90:5
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا تہ مٿس ڪوبہ غالب نہ ٿيندو؟
90:6
چوي ٿو تہ، مون تمام گھڻو مال کپايو
90:7
ڀانئيندو آھي ڇا تہ ڪنھن ڪونہ ڏٺو اٿس؟
90:8
کيس ٻہ اکيون نہ ڏنيون اٿئون ڇا؟
90:9
۽ ڄڀ ۽ ٻہ چَپ بہ؟
90:10
۽ ٻہ رستا ڏيکارياسونس
90:11
پوءِ بہ ڪو سخت لَڪ نہ لنگھيو
90:12
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ سخت لَڪّ ڇا آھي؟
90:13
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي
90:14
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڌو کارائڻ
90:15
مائٽيءَ واري ڇوري ٻار کي
90:16
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي
90:17
اُن کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون
90:18
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن
90:19
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي پاسي وارا آھن
90:20
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي)