91:1
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي
91:2
۽ چنڊ جوقسم آھي، جڏھن اُن جي پوئتان اچي
91:3
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري
91:4
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي
91:5
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو
91:6
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو
91:7
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو
91:8
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس
91:9
(قسم کڻڻ جو غرض ھيءُ آھي تہ) جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو
91:10
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو، سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو
91:11
(قوم) ثمود پنھنجيءَ سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو
91:12
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو
91:13
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو تہ الله جي ڏاچيءَ ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نہ ٿيو
91:14
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون، پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو، پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني تي) ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين
91:15
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نہ ٿو ڊڄي