92:1
رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي
92:2
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو
92:3
۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي
92:4
تہ بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي
92:5
پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي
92:6
۽ چڱائيءَ (اسلام ۽ آخرت) کي سچ ڄاتائين
92:7
تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين
92:8
۽ جنھن (الله جي حق ڏيڻ کان) بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين
92:9
۽ چڱائيءَ (اسلام ۽ آخرت) کي ڪوڙ ڀانيو
92:10
تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين
92:11
۽ جڏھن (دوزخ جي) کڏ ۾ اونڌو ڪرندو، تڏھن سندس مال کانئس (ڪجھ) نہ ٽاريندو
92:12
بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي
92:13
۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن
92:14
پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جو ڄڀي ڪري ٿي
92:15
(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونہ گھڙندو
92:16
جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو
92:17
۽ اُن (باھ) کان اُنھيءَ وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو
92:18
جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو تہ پاڪ (دل) ٿئي
92:19
۽ مٿس (اھڙي) ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نہ آھي، جنھن جو بدلو ڏجي
92:20
پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو)
92:21
۽ ضرور جلد خوش ٿيندو