93:1
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي
93:2
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن ڍَڪي ٿي
93:3
تہ (اي پيغمبر!) تنھنجي پالڻھار تو کي نہ ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو
93:4
۽ بيشڪ آخرت تو لاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي
93:5
۽ تنھنجو پالڻھار تو کي سگھوئي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين
93:6
تو کي يتيم نہ ڏٺائين ڇا؟ پوءِ (تو کي) جاءِ ڏنائين
93:7
۽ تو کي ناواقف ڏٺائين، پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين
93:8
۽ تو کي مسڪين ڏٺائين، پوءِ آسودو ڪيائين
93:9
تنھنڪري يتيم تي (تون) ڏاڍ نہ ڪر
93:10
۽ سواليءَ کي نہ جھڻڪ
93:11
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ