al-Inshirah (الشَّرْح)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 94 • 8 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
94:1 (اي پيغمبر!) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نہ ڪيو اٿئون ڇا؟
94:2 ۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون
94:3 جنھن تنھنجي پٺيءَ کي ڳرو ڪيو ھو
94:4 ۽ تنھنجي ساراھ تو لاءِ مٿاھين ڪئي سون
94:5 ڇو تہ بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي
94:6 بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي
94:7 تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين تہ (عبادت لاءِ) کڙو ٿيءُ
94:8 ۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ