95:1
انجير ۽ زيتون جو قسم آھي
95:2
۽ طُورسينا جو
95:3
۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو
95:4
تہ بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي اندازي (۽ صورت) ۾ پيدا ڪيوسون
95:5
وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس
95:6
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي
95:7
پوءِ (اي ماڻھو!) ھن (نصيحت) کان بعد ڪھڙي شئي تو کي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
95:8
حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نہ آھي ڇا؟