al-`Alaq (العَلَق)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 96 • 19 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
96:1 (اي پيغمبر!) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو
96:2 ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين
96:3 پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي
96:4 جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو
96:5 اُھي (ڳالھيون) ماڻھوءَ کي سيکاريائين جي نہ ڄاڻندو ھو
96:6 سچ آھي تہ بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي
96:7 جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي
96:8 بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي
96:9 اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي؟
96:10 (منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اُھو نماز پڙھندو آھي
96:11 ڏٺو اٿئي ڇا تہ جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا!
96:12 يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا
96:13 ڏٺو اٿئي ڇا تہ جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو
96:14 تہ (ھيءُ) نہ ڄاتائين ڇا؟ تہ الله ڏسي ٿو
96:15 ايئن نہ آھي! قسم آھي تہ جيڪڏھن پاڻ نہ پليندو تہ ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس
96:16 اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي
96:17 پوءِ ڀلي تہ پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي
96:18 اسين بہ دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون
96:19 ايئن نہ آھي، تون چيو نہ مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ