69:1
قيامت
69:2
ڇا آھي (اھا) قيامت?
69:3
۽ ڪھڙي شئي تو کي ڄاڻايو تہ قيامت ڇا آھي
69:4
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو
69:5
پر پوءِ ثمود (قوم)، سي تہ ھڪ سخت رڙ سان ناس ڪيا ويا
69:6
۽ باقي (قوم) عاد! سي ھڪ بيحد ٿڌي تيز واءُ سان ناس ڪيا ويا
69:7
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو، پوءِ (اي ڏسندڙ! اُن) قوم کي اُن (زمين) ۾ پيل ڏٺئي ٿي ڄڻ تہ اُھي ڪريل کجيءَ جا (ڀتا) ٿُڙ آھن
69:8
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
69:9
۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھئا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (بہ) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا
69:10
۽ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪيائون، تنھنڪري (الله) وڏيءَ پڪڙ سان کين پڪڙيو
69:11
بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙہيو
69:12
ھن ڪري تہ ان (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪنُ ياد رکي
69:13
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي
69:14
۽ زمين ۽ جبل (پنھنجيءَ جاءِ تان) کنيا ويندا، پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪُٽي سنھو ڪيو ويندو
69:15
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي
69:16
۽ آسمان ڦاٽندو، پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڪمزور ٿيل ھوندو
69:17
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اَٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا
69:18
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪبو اوھان (جي حال) جي ڪا ڳجھي ڳالھ لڪي نہ رھندي
69:19
پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامو سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو تہ وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو
69:20
بيشڪ مون يقين رکيو ھو تہ آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس
69:21
پوءِ اھو ڀلي زندگي ۾ ھوندو
69:22
مٿاھين بھشت ۾
69:23
جنھن جا ميوا (پھچڻ کي) ويجھا ھوندا
69:24
(چئبن تہ) ڍئو ڪري کائو ۽ پيئو، اِنھيءَ سبب ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ (نيڪ عمل) اڳي موڪليو ھيوَ
69:25
۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان! جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نہ ملي ھا
69:26
۽ (ھاءِ ارمان جيڪر) نہ ڄاڻان ھا تہ منھنجو حساب ڇا آھي؟
69:27
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا؟
69:28
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نہ ڏنو!
69:29
مون کان منھنجي بادشاھي چٽ ٿي!
69:30
(ملائڪن کي چئبو تہ اي ملائڪؤ) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس
69:31
وري دوزخ ۾ وجھوس
69:32
وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي
69:33
ڇو تہ اُھو (ماڻھو) الله کي نہ مڃيندو ھو، جو (سڀ کان) وڏو آھي
69:34
۽ نڪي (ماڻھن کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو
69:35
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي
69:36
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڌو آھي
69:37
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نہ کائيندو
69:38
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا، تنھن جو قسم کڻان ٿو
69:39
۽ جيڪي نہ ٿا ڏسو تنھن جو (بہ)
69:40
تہ بيشڪ ھيءُ (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي
69:41
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نہ آھي، (اوھين) گھٽ يقين ٿا رکو
69:42
۽ نڪي ڪنھن (اڳڪٿي ڪندڙ) ڀوپي جو ڪلام آھي، گھٽ نصيحت وٺو ٿا
69:43
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي
69:44
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻ) گھڙي ھا
69:45
تہ ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا
69:46
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا
69:47
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نہ آھي
69:48
۽ بيشڪ ھيءُ (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي
69:49
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن
69:50
۽ بيشڪ ھيءُ (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي
69:51
۽ بيشڪ ھيءُ (قرآن) پورو سَچو آھي
69:52
تنھنڪري (تون) پنھنجي (سڀ کان) وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر