al-Qalam (القَلَم)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 68 • 52 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
68:1 نٓ (عزت واري) قلم جو قسم آھي ۽ اُن جو بہ جيڪي (ملائڪ) لکندا آھن
68:2 تہ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نہ آھين
68:3 ۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي
68:4 ۽ بيشڪ تون وڏي (بلند) اخلاق تي آھين
68:5 پوءِ (تون بہ) سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (ڪافر بہ) ڏسندا
68:6 تہ اوھان مان ڪير چريو آھي؟
68:7 بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي اُنھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي، جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو ۽ اُھو (ئي) سنئينءَ واٽ ويندڙن کي بہ تمام چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي
68:8 تنھنڪري (تون) ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نہ مڃ
68:9 (اِھي) گھرندا آھن تہ جيڪڏھن (تون ساڻن ڪنھن طرح) نرمي ڪرين تہ اُھي بہ (توسان) نرمي ڪن
68:10 ۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار (ذليل) جو چيو نہ مڃ
68:11 (جو) طعنا ھڻندڙ، چغلي کڻي ھڻندڙ
68:12 خير کان جھليندڙ، حد کان لنگھيل، وڏو ڏوھي
68:13 بدعادتو اِن (سڀني) کانپوءِ حرامي (بہ) ھجي
68:14 اِنھيءَ ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي
68:15 جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي تہ اڳين جون آکاڻيون آھن
68:16 سگھوئي کيس سونڍ (نڪ) تي ڏنڀ ڏينداسين
68:17 بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙيءَ طرح) آزمايو، جھڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايو ھيوسون، جڏھن قسم کنيائون تہ سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين)
68:18 ۽ اِنشاءَ الله نہ چيائون
68:19 پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ واري پوک) تي ھڪ اھڙي بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھئا
68:20 جو (اُھا) ناڙ وانگر ٿي پئي
68:21 پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا
68:22 تہ جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو تہ پنھنجيءَ پوک تي سويرو ھلو
68:23 پوءِ (اُھي) ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا
68:24 تہ (جيئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نہ سگھي
68:25 ۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا
68:26 پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (تنھن مھل) چيائون تہ بيشڪ اسين (رستو) ڀليل آھيون
68:27 (نہ نہ!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون
68:28 سندن (چڱي) (مڙس) چيو تہ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا تہ الله جي پاڪائي ڇو نہ ٿا بيان ڪريو؟
68:29 چيائون تہ (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ٿا ڪريون، بيشڪ اسين (انھيءَ نيت ڪري) ظالم ھئاسون
68:30 پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن منھن ڪيو
68:31 چوڻ لڳا تہ اسان لاءِ ويل ھجي (شال)! بيشڪ اسين حد کان لنگھيل ھئاسون
68:32 منَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان (وڌيڪ) ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي، بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون
68:33 ايئن ئي آفت (پوڻي) آھي ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (تہ ايئن ڪڏھن نہ ڪن ھا)
68:34 بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن
68:35 مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟
68:36 اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي، ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟
68:37 اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو؟
68:38 تہ بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو
68:39 اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا؟ جو اھي قيامت تائين ھلندا تہ بيشڪ جيڪو حڪم ڪندؤ سو ئي اوھان کي ملندو
68:40 (اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ تہ انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذميوار آھي؟
68:41 انھن (مشرڪن) جا ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن تہ جڳائين تہ ڀل پنھنجن شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين
68:42 جنھن ڏينھن (قيامت ۾) پنيءَ جي تجلي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ (سجدو) ڏيئي نہ سگھندا
68:43 اُنھن جون اکيون جھڪيون ھونديون (۽) کين خواري وٺي ويندي ۽ بيشڪ اُنھن کي (دنيا ۾) سجدي ڏانھن سڏبو ھو، حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (بہ) ھئا
68:44 پوءِ (اي پيغمبر!) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون، جتان اُھي نہ ڄاڻندا آھن
68:45 ۽ انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، ڇو تہ منھنجي رٿ پڪي آھي
68:46 (تون) اِنھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا؟ جنھنڪري (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن
68:47 (يا) اِنھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا، جو اُھي لکندا آھن؟
68:48 پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نہ ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو
68:49 (تڏھن) جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نہ پھچي ھا تہ ضرور رڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا
68:50 پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس
68:51 ۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) تو کي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي ھوندا آھن ۽ چوندا آھن تہ بيشڪ ھيءُ (پيغمبر) چريو آھي
68:52 ۽ (حقيقت ۾) ھيءُ (قرآن) تہ جھانن لاءِ نصيحت آھي