67:1
اُھو (الله) وڏيءَ برڪت وارو آھي، جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
67:2
(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) تہ اوھان کي پرکي تہ عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي
67:3
(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا (طبقا) بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نہ ڏسندين، پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس تہ (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟
67:4
پوءِ وري بہ نظر ڦيرائي ٻہ ڀيرا (ڏس) تہ (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي
67:5
۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿئون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ (ھٿيار) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿئون
67:6
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا (رھڻ جي) جاءِ بڇڙي آھي
67:7
جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو
67:8
جو ڪاوڙ کان (ڄڻ تہ) اجھو ٿو ڦاٽي! جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا تہ اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نہ آيو ھو ڇا؟
67:9
چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون تہ الله ڪا (بہ) شئي نہ لاٿي آھي، بس اوھين تہ وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو
67:10
۽ چوندا تہ جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا تہ دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نہ ٿيون ھا
67:11
پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال!
67:12
بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي
67:13
۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، تہ بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي
67:14
جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نہ ڄاڻندو؟ ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي
67:15
(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو تہ ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي
67:16
(اوھين) اُنھيءَ (الله) کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا؟ جو آسمان ۾ آھي تہ متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي، پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي
67:17
(اوھين) ھن (ڳالھ) کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا تہ جيڪو (الله) آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ (سگھو) ڄاڻندؤ تہ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟
67:18
۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھئا تن (بہ) ڪوڙ ڀانيو، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙيءَ طرح ھئي
67:19
پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو) ڪو بہ جھلي نہ رکندو آھي، ڇو تہ اُھو سڀڪنھن شئي کي ڏسندڙ آھي
67:20
اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي، جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن
67:21
(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي تہ اُھو اوھان کي روزي ڏئي؟ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن
67:22
ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي، سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌيءَ واٽ تي ھلندو ھجي؟
67:23
چئو تہ، (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو
67:24
چئو تہ، (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ
67:25
۽ (ڪافر) چوندا آھن تہ اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو، جيڪڏھن سچا آھيو (تہ ڏسيو)
67:26
(اي پيغمبر کين) چئو تہ، (اُھا) خبر رڳو الله وٽ آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
67:27
۽ جنھن مھل اُن (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا (تنھن مھل) ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا ۽ چئبن تہ جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي
67:28
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، ڏٺو اٿوَ ڇا تہ جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن، تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري تہ (ہر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟
67:29
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو ٻاجھارو آھي، اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ تہ پڌريءَ گمراھيءَ ۾ ڪير آھي
67:30
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، ڏٺو اٿوَ ڇا تہ جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي تہ اوھان وٽ وھندڙ (سٺو) پاڻي ڪير آڻيندو؟