66:1
اي پيغمبر جنھن شئي کي الله تو لاءِ حلال ڪيو آھي، سا (تون پاڻ تي) ڇو ٿو حرام ڪرين؟ (پاڻ تي حرام ڪرڻ سبب) پنھنجن زالن جو راضپو گھرين ٿو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
66:2
بيشڪ الله اوھان لاءِ اوھان جي قسمن جو کولڻ (ڪفارت جي ڏيڻ سان) مقرر ڪيو آھي ۽ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي
66:3
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙيءَ کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان منھن موڙيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بيءَ) چيو تہ اھا تو کي ڪنھن ڄاڻائي؟ (پيغمبر) فرمايو تہ، مون کي (الله) ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ خبر ڏني
66:4
(اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبھ ڪنديون (تہ چڱو آھي) بيشڪ اوھان جون دليون ڏنگيون ٿي ويون آھن، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ) تي (اوھين) ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون تہ بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (بہ)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (بہ) مددگار آھن
66:5
جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو تہ اميد آھي تہ سگھوئي سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھندڙيون توبھ ڪندڙيون عبادت ڪرڻ واريون روزو رکندڙيون رنڙ ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عيوض ۾ ڏيندو
66:6
اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر جي ڀاتين کي اُنھيءَ باھ کان بچايو، جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پھڻ ھوندا، جنھن (باھ) تي بي رحم سخت وٺڻ وارا ملائڪ (مقرر) آھن، جيڪي (الله) کين فرمايو آھي، تنھن ۾ الله جي نافرماني نہ ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حُڪم ڪبو آھي، سو ڪندا آھن
66:7
(ان ڏينھن چئبو تہ) اي ڪافرؤ! اڄ بھانو (پيش) نہ ڪريو، جيڪي ڪندا ھئو رڳو تنھن جي اوھان کي سزا ڏجي ٿي
66:8
اي ايمان وارؤ! الله وٽ توبھ ڪريو، سچي توبھ، اوھان جي پالڻھار ۾ اميد آھي تہ اوھان جون مدايون اوھان کان ميٽيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، جنھن ڏينھن الله پيغمبر کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو آھي، تن کي خوار نہ ڪندو، سندن (ايماني) نُور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو، چوندا (تہ) اي اسان جا پالڻھار! اسان لاءِ اسان جو نُور ڀرپور ڪر ۽ اسان کي بخش، ڇو تہ تون سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھين
66:9
اي پيغمبر! ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو (ٽڪڻ جو) ھنڌ بڇڙو آھي
66:10
الله نُوح جي زال ۽ لُوط جي زال جو ھڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ڪري ٿو، (اُھي) اسان جي ٻن سڌريلن ٻانھن (جي نڪاح) ھيٺ ھيون، پوءِ اُنھن (ٻنھي ڄڻن) سان خيانت ڪيائون، ۽ پوءِ اُنھن (ٻنھي مڙسن انھن پنھنجي زالن) کان الله جو عذاب ڪجھ بہ نہ ٽاريو ۽ (انھن کي) چئبو تہ باھ ۾ گھڙندڙن سان گڏ گھڙو
66:11
۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي ڇڏاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ
66:12
۽ (پڻ) مريم ڌيءُ عِمران جي (جو مثال بيان ڪريون ٿا) جنھن پنھنجي اوگھڙ کي بچايو، پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھئائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي