43:1
حٰمٓ
43:2
(ھن) پڌري ڪتاب جو قسم آھي
43:3
تہ بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي تہ منَ اوھين سمجھو
43:4
۽ بيشڪ اِھو (ڪتاب) لوح محفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي، بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي
43:5
اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا تہ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو؟
43:6
۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون
43:7
۽ وٽن ڪوبہ پيغمبر نہ ٿي آيو، جو ساڻس ٺـٺوليون نہ ٿي ڪيائون
43:8
پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کانئن بلڪل سگھارا ھئا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳئين بيان ۾) گذري چڪي آھي
43:9
۽ جيڪڏھن (تون) کانئن پُڇين ٿہ آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو تہ ضرور چوندا تہ انھن کي زبردست ڄاڻندڙ (الله) بڻايو آھي
43:10
(اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا تہ منَ اوھين سِڌو رستو لھو
43:11
۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، اھڙيءَ طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍبو
43:12
۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جوڙا بڻايا ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو
43:13
تہ اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو تہ اُھو (الله) پاڪ آھي، جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن کي (ڪڏھن) نوائڻ وارا نہ ھئاسون
43:14
۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون
43:15
۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي
43:16
(الله) پنھنجيءَ مخلوقات مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا)؟
43:17
۽ جڏھن منجھانئن ڪنھنکي اُنھيءَ شئي (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس، (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي
43:18
جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ لڙائيءَ ۾ پڌرو نہ ٿو ٿئي، اھڙي کي (الله سان ڌيءُ جي نسبت ڏين ٿا) ڇا؟
43:19
۽ انھن ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مقرر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھئا ڇا؟ سندين (اِھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا
43:20
۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا تہ انھن (ملائڪن) جي عبادت نہ ڪريون ھا! کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نہ آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن
43:21
کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿئون ڇا، جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي؟
43:22
(نہ!) بلڪ چوندا آھن تہ بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ طريقي تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي سڌو ھلڻ وارا آھيون
43:23
۽ اھڙيءَ طرح اڳ تو کان ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نہ موڪليوسون، پر اُن جي عياشين (ماڻھن) چيو تہ اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ طريقي تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن جي (ئي) پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون
43:24
(پيغمبر! کين) چيو تہ، (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم، جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو، تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي، چيائون تہ جنھن شئي سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون
43:25
پوءِ کانئن بدلو ورتوسون، پوءِ ڏس تہ ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي!
43:26
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجيءَ قوم کي چيو تہ جنھن شئي کي (اوھين) پوڄيندا آھيو، تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان
43:27
پر جنھن مون کي پيدا ڪيو سو بيشڪ مون کي سگھوئي ھدايت ڪندو
43:28
۽ الله سندس اولاد ۾ اھا (توحيد جي ڪلمي جي) ڳالھ ھميشہ رھائي تہ منَ اُھي (ڪافر) موٽن
43:29
بلڪ اسان اِنھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچو دين ۽ پڌرو پيغمبر (محمد ﷺ) آيو
43:30
۽ جنھن مھل سچو دين وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون تہ ھيءُ جادو آھي ۽ بيشڪ اسين اُن جا مُنڪر آھيون
43:31
۽ چيائون تہ (ھنن) ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) وارن مان ڪنھن وڏي ماڻھوءَ تي ھيءُ قرآن ڇو نہ نازل ڪيو ويو؟
43:32
اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ دنيا جي حياتيءَ ۾ سندن روزي سندن وچ ۾ اسان ئي ورھائي آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون تہ جيئن ھڪڙا ٻـين کي خدمتگار ڪري وٺن ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن، تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي
43:33
۽ جيڪڏھن ايئن نہ ھجي ھا تہ (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن تہ جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن، تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي چانديءَ جون ڪريون ھا
43:34
۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ پلنگ جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي بہ چانديءَ جا ڪريون ھا)
43:35
۽ (ٻيا) سون (جا بہ ڪريون ھا)، ۽ اِھو سڀ ڪجھ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو مال) متاع آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي
43:36
۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل ٿيندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون، جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي
43:37
۽ بيشڪ اُھي (شيطان) انھن کي (سڌيءَ) واٽ کان جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ) ڀانئيندا آھن تہ اُھي ھدايت وارا آھن
43:38
تان جو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتيءَ شيطان کي) چوندو تہ ھاءِ افسوس! (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا جو (تنھنجي) سنگت بڇڙي آھي
43:39
۽ (چوندا سون تہ) جيئن تہ ظلم ڪيو اٿوَ (تنھن ڪري) اڄ اوھان کي (اِھا ڳالھ) اصل فائدو نہ ڏيندي تہ اوھين (۽ شيطان منھنجي) عذاب منجھ پاڻ ۾ ڀائيوار ھجو
43:40
(اي پيغمبر!) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا؟ يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھي، تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟
43:41
پوءِ جيڪڏھن تو کي (ھن جھان مان) نيون تہ بيشڪ اسين (اتي ئي) کانئن بدلو وٺڻ وارا آھيون
43:42
يا جيڪو کين انجام ڏنو اٿئون سو تو کي ڏيکاريون تہ بہ بيشڪ اسين مٿن وسوارا آھيون
43:43
تنھن ڪري جيڪي تو ڏانھن وحي ڪيو ويو، تنھن کي تون چنبڙي وٺ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين
43:44
۽ بيشڪ اِھو (قرآن) تو لاءِ ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آھي، ۽ (اوھين) سگھوئي پڇيا ويندؤ
43:45
۽ پنھنجن پيغمبرن مان جيڪي توکان اڳ موڪليا ھئاسون تن جو (احوال) پُڇ تہ ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ڪي) ٻيا معبود بڻايا ھئاسون ڇا جن جي پوڄا ڪئي وڃي؟
43:46
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليوسون، پوءِ چيائين تہ بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان
43:47
پوءِ جنھن مھل وٽن اسان جي نشانين سان آيو (تنھن مھل) اوچتو اُھي اُنھن (معجزن) کان کلندا رھيا
43:48
۽ ڪابہ نشاني کين نہ ٿي ڏيکاري سون پر اُھا (نشاني) اُن جي اڳين کان تمام وڏي ھئي ۽ کين عذاب سان پڪڙيوسون تہ منَ اُھي (ڪفر کان) موٽن
43:49
۽ چيائون تہ اي جادوگر! پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ اُنھيءَ (وسيلي) سان دُعا گھر، جنھن جو توسان انجام ڪيو اٿس، تہ بيشڪ اسين ھدايت وارا ٿينداسون
43:50
پوءِ جنھن مھل کانئن عذاب لاٿوسون (تنھن مھل) اُھي اُتي ئي (قول) ڀڃيندا رھيا
43:51
۽ فرعون پنھنجيءَ قوم ۾ پڙھو ڏنو، چيائين تہ اي منھنجي قوم! مصر جي بادشاھي منھنجي نہ آھي ڇا؟ ۽ ھي نھرون منھنجي (ماڙين جي) ھيٺان (نہ) وھنديون آھن ڇا؟ اوھين نہ ڏسندا آھيو ڇا؟
43:52
(نہ!) بلڪ آءٌ ھن (موسىٰ) کان ڀَلو آھيان، جيڪو خسيس آھي ۽ چٽو ڳالھائي بہ نٿو سگھي
43:53
پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇو نہ لاٿا ويا يا ساڻس گڏ ٿي ملائڪ ڇو نہ آيا؟
43:54
پوءِ پنھنجيءَ قوم کي بيوقوف بڻايائين، (تنھنڪري) فرمانبرداري ڪيائونس، بيشڪ اُھي بي دين قوم ھئا
43:55
پوءِ جڏھن اسان کي ڪاوڙايائون (تڏھن) کانئن وير ورتوسون، پوءِ اُنھن سڀني کي ٻوڙيوسون
43:56
پوءِ کين (ڪافرن جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ آکاڻي ڪيوسون
43:57
۽ جڏھن مريم جي پُٽ جو قصو بيان ڪيو ويو (تڏھن) امالڪ اُن (قصي) کان تنھنجي قوم لُڙ مچائيندي آھي
43:58
۽ (اُھي) چوندا آھن تہ اسان جا معبُود ڀلا آھن يا اھي (عيسىٰ)؟ اھو مثال تو سان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن، بلڪ اھي جھيڙاڪ قوم آھن
43:59
اھي (عيسىٰ) رڳو ٻانھو آھي، جنھن تي نعمت ڪئي اٿئون ۽ بني اسرائيلن لاءِ کيس (ھڪ) عبرت ڪئي سون
43:60
۽ جيڪڏھن گھرون ھا تہ اوھان جي بدران زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ھا
43:61
۽ بيشڪ اھي (عيسىٰ) قيامت جي ھڪ نشاني آھي، پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نہ ڪريو ۽ (اي پيغمبر! چئو تہ) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي
43:62
۽ اوھان کي شيطان نہ جھلي، ڇو تہ اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي
43:63
۽ جنھن مھل عيسىٰ چٽن معجزن سان آيو، (تنھن مھل) چيائين تہ اوھان وٽ حڪمت آندي اٿم ۽ (آيو آھيان) تہ جن ڳالھين ۾ اختلاف ڪند آھيو، تن مان ڪي اوھان لاءِ بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
43:64
بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، تنھنڪري سنديس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي
43:65
پوءِ جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، تنھنڪري ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب کان ظالمن لاءِ ويل آھي
43:66
(اُھي) رڳو قيامت (جي اچڻ) جو انتظار ڪندا آھن تہ اوچتو وٽن اچي ۽ اُھي بي خبر ھجن
43:67
اُنھيءَ ڏينھن پرھيزگارن کانسواءِ (ٻيا) سڀئي دوست ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا
43:68
(چيو ويندو تہ) اي منھنجا ٻانھؤ! اڄ اوھان کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اوھين غمگين ٿيو
43:69
جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ مُسلمان ھئا
43:70
(تن کي چيو ويندو تہ) اوھين ۽ اوھان جون زالون بھشت ۾ گھڙو (اتي ڏاڍا) خُوش ٿيندؤ
43:71
مٿن سون جون پليٽون ۽ پيالاا ڦيرائبا ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو اوھين منجھس سدائين رھندؤ
43:72
۽ ھيءُ اُھو بھشت آھي، جنھن جو اوھان کي اِنھيءَ سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ
43:73
منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن، جن منجھان پيا کائيندؤ
43:74
بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن
43:75
کانئن (عذاب) ھلڪو نہ ڪبو ۽ اُھي منجھس نااُميد (ٿي چپ) رھندا
43:76
۽ مٿن ظلم نہ ڪيوسون ۽ اُھي (پاڻ ئي) ظالم ھئا
43:77
۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا تہ اي مالڪ! ڀل تہ تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (تہ عذاب کان ڇُٽون)، (مالڪ) چوندو تہ بيشڪ اوھين ھميشہ رھڻ وارا آھيو
43:78
بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون، پر اوھان مان گھڻا سچيءَ ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن
43:79
(ڪافرن بہ) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين بہ پڪي رٿ رٿيندڙ آھيون
43:80
ڀائيندا آھن ڇا تہ اسين سندين ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندين صلاحون نہ ٻڌندا آھيون؟ (ھائو ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل (ملائڪ) وٽن لکندا آھن
43:81
(تون) چئو تہ، جيڪڏھن ٻاجھاري (الله) کي ڪو ٻار ھجي ھا تہ آءٌ (سڀ کان) پھريون (اُن الله جي) عبادت ڪندڙ آھيان (۽ اھڙي عقيدي جو منڪر آھيان)
43:82
(اِھي) جيڪي بيان ڪندا آھن، تنھن کان آسمانن ۽ زمين جو رب عرش جو مالڪ پاڪ آھي
43:83
پوءِ کين ڇڏ تہ (ايسين ڪوڙين ڳالھين ۾) بڪ ڪن ۽ راند ڪن جيسين پنھنجي اُنھيءَ ڏينھن کي ملن جنھنجو کين انجام ڏجي ٿو
43:84
۽ (الله) اُھو آھي، جيڪو آسمانن ۾ (بہ) معبود آھي ۽ زمين ۾ (بہ) معبود آھي ۽ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي
43:85
۽ اُھو وڏيءَ برڪت وارو آھي، جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي ۽ ڏانھنس موٽائبؤ
43:86
۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن، سي شفاعت ڪري نہ سگھندا آھن، پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن، (اُھي شفاعت ڪندا)
43:87
۽ جيڪڏھن کانئن پڇين تہ کين ڪنھن خلقيو آھي؟ تہ ضرور چوندا تہ الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن؟
43:88
۽ (قسم آھي) پيغمبر جي اِنھيءَ چوڻ تي تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ ھي اھڙي قوم آھن جو (ڪنھين طرح) ايمان نہ ٿا آڻين (اسين کين سندين ھٺيلپ جي سزا ڏينداسون)
43:89
(فرمايوسون) تہ کانئن مُنھن موڙ ۽ (موڪلاڻيءَ جو) سلام چئو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا