42:1
حٰمٓ
42:2
عٓسٓقٓ
42:3
غالب حڪمت وارو الله اھڙيءَ طرح توڏانھن وحي موڪلي ٿو ۽ اُنھن ڏانھن (بہ) جيڪي توکان اڳ ھئا (موڪليندو رھيو)
42:4
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون (۽) وڏو آھي
42:5
(الله جي دھشت کان) آسمان پنھنجي مٿان کان ڦاٽڻ تي آھن ۽ ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي واکاڻيندا آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن، تن لاءِ بخشش گھرندا آھن، خبردار! بيشڪ الله ئي بخشڻھار مھربان آھي
42:6
۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن، تن تي الله نگاھ رکندڙ آھي ۽ تون مٿن ڪو ذميوار نہ آھين
42:7
۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون تہ مڪي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي، تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي
42:8
۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا تہ اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا، پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجيءَ ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي
42:9
الله کانسواءِ ٻيا ڪارساز ڪري ڇو ورتا اٿن؟ پوءِ الله ئي ڪارساز آھي ۽ اُھو ئي مُئن کي جياريندو آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شئي تي وسوارو آھي
42:10
۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ بہ ھجي تہ اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو
42:11
آسمان ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ۽ ڍورن (جي جنس) مان ڪيترائي قِسم (بڻايائين)، انھيءَ طرح سان اوھان کي پکيڙي ٿو، اُن جھڙي ڪا (بہ) شئي نہ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي
42:12
آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون وٽس ئي آھن، جنھن لاءِ گُھري (تنھن لاءِ) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھُري تنھن لاءِ) تنگ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ھر شئي کي ڄاڻندڙ آھي
42:13
اوھان لاءِ اُھو دين مقرر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھئائين ۽ جيڪو تو ڏانھن بہ وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ موسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون تہ دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نہ ٿيو، مُشرڪن کي اُھا (ڳالھ) ڏکي لڳي، جنھن ڏانھن کين سڏيندو آھين، الله جنھن کي گھُري (تنھن کي) پاڻ ڏانھن چونڊيندو آھي ۽ جيڪو (ڏانھس) ورندو آھي، تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي
42:14
۽ جو ساڙ پاڻ ۾ ھئن، تنھن جي ڪري پاڻ وٽ علم پھچڻ کان پوءِ ڌارو ڌار ٿيا ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان مقرر مدت تائين (مھلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي (جاري ٿيل) نہ ھجي ھا تہ ضرور سندن وچ ۾ (ھاڻي ئي) فيصلو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ جي کي انھن (پيغمبرن) کان پوءِ ڪتاب ڏنو ويو سي دين کان وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن
42:15
پوءِ (تون) اِنھيءَ (دين) ڏانھن سڏ، ۽ جيئن تو کي حُڪم ڪيو ويو آھي (تيئن) پڪو ٿي بيھ ۽ سندين سَڌن جي تابعداري نہ ڪر ۽ چئو تہ جيڪو بہ ڪتاب الله لاٿو تنھن کي مڃيم ۽ مون کي حُڪم ٿيل آھي تہ اوھان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا عمل آھن، اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ڪو تڪرار ڪونھي، الله اسان (سڀني) کي پاڻ ۾ (قيامت ڏينھن) گڏ ڪندو ۽ ڏانھس موٽڻ آھي
42:16
۽ الله (جي دين) بابت سندس فرمان قبول ڪرڻ کانپوءِ جيڪي جھڳڙو ڪندا آھن، تن جي حُجت سندن پالڻھار وٽ ڪوڙي ٿيڻ واري آھي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آھي ۽ اُنھن لاءِ سخت عذاب آھي
42:17
الله اُھو آھي جنھن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي ۽ تو کي ڪھڙيءَ ڳالھ ڄاڻايو تہ متان قيامت ويجھي ھجي
42:18
جيڪي قيامت کي نہ مڃيندا آھن، سي اُن کي تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جن ايمان آندو آھي سي اُن کان ڊڄندا آھن ۽ ڄاڻندا آھن تہ بيشڪ اُھا سچ (اچڻي) آھي، خبردار! بيشڪ جيڪي قيامت بابت جھڳڙو ڪندا آھن، سي بيشڪ وڏيءَ گُمراھيءَ ۾ آھن
42:19
الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي، جنھن کي گھري (تنھن کي) روزي ڏيندو آھي ۽ اُھو سگھارو غالب آھي
42:20
جيڪو آخرت جي پوک گھُرندو آھي، تنھن لاءِ سندس پوک ۾ واڌارو ڪندا آھيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ڪندو آھي، تنھنکي ڪجھ منجھانئس ڏيندا آھيون ۽ آخرت ۾ اُن جو ڪو بہ حصو نہ آھي
42:21
اُنھن (يعني ڪافرن) جا ڪي اھڙا شريڪ آھن ڇا جن اُنھن لاءِ دين مان (اُھو) نئون رستو بڻايو آھي، جنھن جو الله حُڪم نہ ڏنو آھي؟ ۽ جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (ٿيل) نہ ھجي ھا تہ ضرور (ھاڻي ئي) سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ھا ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي
42:22
(اي پيغمبر!) ظالمن جيڪي ڪمايو آھي، تنھن (جي عذاب) سببان کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اُھو (عذاب) کين پھچندڙ آھي ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتن جي باغن ۾ ھوندا، جيڪي گھرندا سو سندن پالڻھار وٽ اُنھن لاءِ (موجود) آھي، اِھو ئي وڏو فضل آھي
42:23
اِھو (ثواب) اُھو آھي، جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي، جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ آءٌ اوھان کان ان (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نہ ٿو گھُران، پر (جڳائي تہ) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو) ۽ جيڪو نيڪي ڪمائيندو، تنھن لاءِ اُن نيڪيءَ ۾ خوبي وڌائينداسون، بيشڪ الله بخشڻھار قدر دان آھي
42:24
چوندا آھن ڇا تہ (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي؟ پوءِ جيڪڏھن الله گھري تہ تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، الله باطل کي مِٽائيندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي
42:25
۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبھ قبول ڪندو آھي ۽ گناھن کان معافي ڏيندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي
42:26
۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (بہ) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي
42:27
۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا تہ مُلڪ ۾ ضرور بگيڙ وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي، (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇو تہ اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي
42:28
۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نااُميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي ۽ اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي
42:29
۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وسوارو آھي
42:30
۽ جيڪا بہ اوکائي اوھان کي پھچندي آھي، سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائيءَ سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (الله) ٽارو ڪندو آھي
42:31
۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نہ آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نہ ڪو ڪارساز ۽ نہ ڪو مددگار آھي
42:32
۽ سنديس نشانين مان سمنڊ ۾ جبلن وانگر جھاز (۽ ٻيڙا ھلندا) آھن
42:33
جيڪڏھن (الله) گھري تہ واءُ کي جھلي، پوءِ ٻيڙا سمنڊ جي پٺيءَ تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن
42:34
يا (جيڪڏھن گھري تہ) سندن ڪئي سببان ٻيڙين کي (ٻوڙي) ناس ڪري (تہ بہ وسوارو آھي) ۽ گھڻن (گناھن) کان ٽارو (بہ) ڪندو آھي
42:35
۽ (تہ) جيڪي اسان جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن، سي ڄاڻن تہ انھن لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نہ آھي
42:36
پوءِ جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي، سو ڪجھ بہ ھجي تہ اُھو دنيوي حياتيءَ جو (ٿورو) سامان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀَلو ۽ ھميشہ رھڻ وارو اُنھن لاءِ آھي، جن ايمان آندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن
42:37
۽ (اُنھن لاءِ بہ) جيڪي وڏن گناھن ۽ بي حيائين کان پاڻ پليندا آھن ۽ جيڪڏھن ڪاوڙبا آھن (تڏھن) اُھي بخشيندا آھن
42:38
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان ھوندو آھي، ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون، تنھن مان خرچيندا آھن
42:39
۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن
42:40
۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نہ رکندو آھي
42:41
۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانھي
42:42
(ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي، جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
42:43
۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي (تہ) بيشڪ اِھو (گڻ) ھمت جي ڪمن مان آھي
42:44
۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن جو اُن کانپوءِ ڪو ڀرجھلو ڪونھي ۽ (تون) ظالمن کي ڏسندين تہ جڏھن (اُھي) سزا ڏسندا (تڏھن) چوندا تہ (ھاڻي دنيا ۾) ورڻ جي ڪا واھ آھي ڇا؟
42:45
۽ کين ڏسندين جو دوزخ جي آڏو ڪبن، خواريءَ کان جھڪا ٿيل ھوندا ڏٻيءَ اک سان پيا نھاريندا، ۽ مؤمن چوندا تہ بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئو لاتو، خبردار! بيشڪ ظالم ھميشہ جي عذاب ۾ ھوندا
42:46
۽ الله کانسواءِ اُنھن جا ڪي ڀرجھلا نہ ھوندا جي کين مدد ڏين ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪا واٽ نہ آھي
42:47
پنھنجي پالڻھار جو حُڪم اُن ڏينھن (جي اچڻ) کان اڳ قبول ڪريو، جنھن کي الله (جي پار) کان ٽَرڻو نہ آھي، اُن ڏينھن نڪا اوھان کي واھ آھي ۽ نڪا اوھان لاءِ اوپري ٿي (لڪڻ جي جاءِ) آھي
42:48
پوءِ جيڪڏھن (اُھي) منھن موڙين تہ تو کي مٿن نگھبان ڪري نہ موڪليو اٿئون، تو تي پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي لازم نہ آھي ۽ بيشڪ اسين جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ٻاجھ (جو مزو) چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان خُوش ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪا اوکائي سندن ھٿن جي اڳ ڪئي سببان کين پھچندي آھي تہ بيشڪ ماڻھو بي شڪر (ٿيندو) آھي
42:49
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي گھري (سو) خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي
42:50
يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وسوارو آھي
42:51
۽ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ ٿيڻو ئي نہ آھي تہ الله ساڻس ڳالھائي، سواءِ ھن جي تہ اشاري سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي)، پوءِ جيڪي الله گھريو، سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي
42:52
۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو (اڳ) تون نہ ڄاڻندو ھئين تہ ڪتاب ڇا آھي؟ ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين تہ) ايمان (ڇا آھي)؟ پر قرآن کي نُور ڪيو اٿئون، پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين
42:53
(يعني) اُنھيءَ الله جو رستو جو جيڪي آسمانن۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن