Fussilat (فُصِّلَت)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 41 • 54 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
41:1 حٰمٓ
41:2 (ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي
41:3 (ھيءُ اھڙو) ڪتاب آھي، جو سندس آيتون کولي بيان ڪيون ويون آھن، قُرآن عربيءَ ۾، سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي
41:4 جو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن ماڻھن مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نہ آھن
41:5 ۽ چوندا آھن تہ جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين، تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي، تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر، بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون
41:6 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ آءٌ (بہ) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان، مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تہ اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي، تنھنڪري ڏانھنس سڌا متوجہ ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي
41:7 جيڪي زڪوٰة نہ ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (بہ) نہ مڃيندا آھن
41:8 بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي
41:9 (اي پيغمبر کين) چئو تہ، اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي
41:10 ۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس پڪا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جو قُوۡت مقرر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي
41:11 وري آسمان ڏانھن توجہ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو، پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين تہ خوشيءَ سان خواھ مجبوريءَ سان (وجود ۾) اچو، (ٻنھي) چيو تہ خُوشيءَ سان آياسون
41:12 پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏيئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي
41:13 پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين تہ چئو تہ اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو)
41:14 جڏھن پيغمبر سندن اڳيان ۽ سندن پويان انھن وٽ آيا (پيغمبرن چيو) تہ الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، چيائون تہ جيڪڏھن اسان جو پالڻھار گھري ھا تہ ضرور ملائڪن کي موڪلي ھا! تنھنڪري (اوھين) جنھن سان موڪليا ويا آھيو، تنھنکي بيشڪ اسين مڃڻ وارا نہ آھيون
41:15 پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون تہ سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سو سگھ ۾ کانئن وڌيڪ ڏاڍو آھي؟ ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا
41:16 تنھنڪري منحوس ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون تہ کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تہ وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نہ ڏبي
41:17 ۽ ثمود (قوم)، سو اُنھن کي (سڌو) رستو ڏيکاريوسون، پوءِ ھدايت کان انڌائيءَ کي پسند ڪيائون، پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي (سخت) ڪڙڪي کين پڪڙيو، انھيءَ ڪري جو (بڇڙائي) ڪمائيندا ھئا
41:18 ۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھئا تن کي بچايوسون
41:19 ۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا، پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (سڀني جي گڏجڻ تائين) ترسايا ويندا
41:20 تانجو جنھن مھل (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا، (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھئا تنھنجي مٿن شاھدي ڏينديون
41:21 ۽ پنھنجين کَلُن کي چوندا تہ اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا تہ اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شئي کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري بہ) ڏانھس موٽائبؤ
41:22 ۽ اوھين پنھنجن ڪنن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان نہ لڪندا ھئو، پر اوھان (ايئن) ڀانيو ھو تہ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن مان گھڻو (احوال) الله نہ ڄاڻندو آھي
41:23 ۽ اوھان جو اُھو گمان، جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھيوَ، تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو، تنھنڪري (اڄ) ٽوٽي وارن مان ٿيؤ
41:24 پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا تہ (بہ) اُنھن جي جاءِ باھ آھي ۽ جيڪڏھن معافي گھرندا تہ (بہ) اُنھن کي معافي نہ ملندي
41:25 ۽ اُنھن لاءِ (شيطان) سنگتي مقرر ڪياسون، پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي، تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (اِنھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي، جيڪي کانئن اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن بيشڪ اُھي سڀ ٽوٽي وارا ھئا
41:26 ۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو تہ ھن قرآن کي نہ ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ) ۾ لُڙ مچايو تہ منَ اوھين غالب ٿيو
41:27 پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا (جو مزو) چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھئا، تنھن جو بدلو کين ضرور ڏينداسون
41:28 الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، انھن لاءِ اُتي ھميشہ جو گھر ھوندو، اِنھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا ھئا
41:29 ۽ ڪافر چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! جنن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار تہ پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون تہ ڀلي تہ (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن
41:30 بيشڪ جن چيو تہ اسان جو پالڻھار الله آھي، وري (ان ڳالھ تي) پڪا ٿي بيٺا تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) تہ (ھاڻي) نہ ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو، جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو
41:31 اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھئاسون ۽ آخرت ۾ بہ (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي
41:32 (اِھا) مھماني بخشڻھار مھربان (الله) وٽان آھي
41:33 ۽ اُنھيءَ کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڀلو ڪير آھي، جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيائين تہ بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟
41:34 ۽ نيڪي ۽ بدي (پاڻ ۾) برابر نہ آھن جا نيڪي ڏاڍي چڱي ھجي، تنھن سان (مدائيءَ کي) ٽار، پوءِ اُھو (ماڻھو) جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي، سو جھٽ پٽ ڄڻڪ دج گھريو دوست ٿي پوندو
41:35 ۽ اِھا ڳالھ صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نہ ٿيندي آھي ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي
41:36 ۽ جيڪڏھن تو کي شيطان کان (دل ۾ وير وٺڻ لاءِ) ڪو وسوسو چڀي تہ الله جي پناھ گھُر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
41:37 ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھن، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو، جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو
41:38 پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن وڏائي ڪن تہ (ڇا ٿيو؟) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن، سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نہ ٿڪبا آھن
41:39 ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ (بہ) آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين، پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) اُڀامي ۽ سُڄي (اُڀري) پيئي، بيشڪ جنھن اُنھيءَ (زمين) کي جياريو آھي، سو ضرور مُئن کي (بہ) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
41:40 بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي (الحاد) ڪندا آھن، سي اسان کان ڳُجھا نہ آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي، يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو، سو اھو (الله) ڏسندڙ آھي
41:41 بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو، جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نہ آھن)، ۽ بيشڪ اُھو (اھڙو وڏو) سڳورو ڪتاب آھي
41:42 جو، نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي
41:43 (اي پيغمبر!) تو کي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ چئبو آھي، جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (بہ) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (بہ) آھي
41:44 ۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان سواءِ ڌاري ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا تہ ضرور (ڪافر) چون ھا تہ سنديس آيتون ڇو نہ کولي بيان ڪيون ويون آھن؟ ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو)؟ (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نہ مڃيندا آھن تن جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن
41:45 ۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نہ ٿئي ھا تہ سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن
41:46 جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) ۽ جيڪو مدا ڪم ڪندو تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو نہ آھي
41:47 قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس علم کانسواءِ نہ ڪي ميوا پنھنجن ڳڀن (مکڙين) مان نڪرندا آھن ۽ نہ ڪا مادي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو تہ منھنجا شريڪ (جي اوھين مقرر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن؟ چوندا تہ تو کي خبر ڏني سون تہ اسان مان ڪو بہ (اُنھن جي) ثابت ڪرڻ وارو ڪونھي
41:48 ۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھئا سي کانئن ڀُلجي ويندا ۽ ڀائيندا تہ کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي
41:49 انسان چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نہ ٿڪبو آھي ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي تہ پوءِ نااُميد ٿي آسرو ڇنندو آھي
41:50 ۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون تہ ضرور چوندو آھي تہ ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نہ ٿو ڀانيان تہ قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس تہ بيشڪ مون لاءِ وٽس (بہ) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي، تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون
41:51 ۽ جڏھن ماڻھوءَ تي نعمت ڪندا آھيون، تڏھن مُنھن ڦيرائيندو آھي ۽ پنھنجو پاسو موڙيندو آھي ۽ جڏھن کيس (ڪا) اوکائي پھچندي آھي، تڏھن وڏيون ڊگھيون دعائون گھُرندو آھي
41:52 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين ڏسو تہ جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو تہ جيڪو وڏي ضِد ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟
41:53 پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون، تان جو کين پڌرو ٿيندو تہ بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نہ آھي ڇا، جيڪو سڀڪنھن شئي تي حاضر آھي؟
41:54 خبردار! بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار! اُھو ھر ڪنھن شئي کي وڪوڙيندڙ آھي