an-Naml (النَّمْل)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 27 • 93 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
27:1 طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن
27:2 اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي
27:3 جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (بہ) يقين رکندا آھن
27:4 بيشڪ جيڪي آخرت کي نہ مڃيندا آھن، تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون، پوءِ اُھي حيران رھندا آھن
27:5 اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي، اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن
27:6 ۽ (اي پيغمبر) بيشڪ تو کي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو
27:7 (ياد ڪر!) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو تہ بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اِجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) متل ٽانڊو آڻيندس تہ منَ اوھين پاڻ سيڪيو
27:8 پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو تہ جو باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي، سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جو پالڻھار الله پاڪ آھي
27:9 (چيو ويو تہ) اي موسىٰ! بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي تہ) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان
27:10 ۽ پنھنجيءَ لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نہ موٽيو (چيوسون تہ) اي موسىٰ! نہ ڊڄ بيشڪ مون وٽ پيغمبر نہ ڊڄندا آھن
27:11 پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائيءَ کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين تہ بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان
27:12 ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ گھيڙ تہ بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ (داخل) آھن، فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن
27:13 پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون، (تنھن مھل) چيائون تہ، ھيءُ پڌرو جادو آھي
27:14 ۽ بي انصافيءَ ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون، حالانڪ سندن دلين اُنھن کي پڪ ڄاتو ھو (تہ الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس تہ فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي
27:15 ۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو تہ، سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي فضيلت ڏني آھي
27:16 ۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين تہ اي ماڻھؤ! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اِھا ئي پڌري ڀلائي آھي
27:17 ۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا، پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھئا
27:18 تان جو جڏھن ڪِولين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِول چيو تہ اي ڪِوليون! اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو تہ سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نہ لتاڙين
27:19 پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق ڏي تہ تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان، جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) تہ اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر
27:20 ۽ پکين جي جانچ پڙتال ڪيائين، پوءِ (ھُدھُد کي نہ ڏسي ڪري) چيائين تہ، مون کي ڇا (ٿيو) آھي، جو ھُدھُد نہ ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
27:21 ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي
27:22 پوءِ گھڻو نہ ترسيو تہ (اچي) چيائين تہ اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي تو کي ڪا سُڌ نہ ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تو وٽ آندي اٿم
27:23 بيشڪ مون ھڪ عورت ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي وڏو تخت (بہ) آھي
27:24 کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس، تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن
27:25 (اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نہ ٿا ڪن، جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (بہ) ڄاڻندو آھي
27:26 الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نہ آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي
27:27 (سليمان) چيو تہ، ڏسنداسين تہ سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين
27:28 ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ، پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل، وري کانئن منھن ڦيراءِ، پوءِ ڏس تہ ڇا ٿا ورندي ڏين؟
27:29 (بلقيس خط ڏسي) چيو تہ، اي سردارؤ مون ڏانھن مانائتو خط اڇليو ويو آھي
27:30 بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي
27:31 (ھن مضمون سان لکيل آھي) تہ منھنجي آڏو وڏائي نہ ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو
27:32 (بلقيس وري) چيو تہ، اي سردارؤ! منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، (آءٌ) ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نہ آھيان، جيسين اوھين حاضر (نہ) ٿيندؤ
27:33 چيائون تہ، اسين زوراور ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ معاملو تنھنجي حوالي آھي، پوءِ نھار تہ ڇا ٿي حُڪم ڪرين
27:34 چيائين تہ بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن، (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانوارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ايئن ئي ڪندا آھن
27:35 ۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي، پوءِ ڏسان تہ قاصد ڇا سان موٽن ٿا
27:36 پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو تہ، اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ پوءِ جيڪي مونکي الله ڏنو آھي، سو اُنھي کان ڀلو آھي، جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿا ٿيو ٿا
27:37 (سندن سوکڙين سميت) اُنھن ڏانھن موٽي وڃ، (اسين) بيشڪ اھڙا لشڪر وٽن آڻينداسون، جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نہ ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي ذليل ھوندا
27:38 (سليمان) چيو تہ، اي سردارؤ! اوھان مان ڪو اُنھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ سندس تخت مون وٽ آڻيندو؟
27:39 جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو تہ، تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين، تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان
27:40 (ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو، (تنھن) چيو تہ، تنھنجي نگاھ جي تو ڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو، (تنھن مھل) چيائين تہ ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) تہ مونکي پرکي تہ شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي تہ منھنجو پالڻھار بي پرواھ ڪرم ڪندڙ آھي
27:41 (سُليمان) چيو تہ، اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ بدليو تہ ڏسون تہ سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي، جيڪي نہ سڃاڻن؟
27:42 پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو تہ، تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين تہ ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائيءَ بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني ويئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون
27:43 ۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي، تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي
27:44 اُن کي چيو ويو تہ، محلات ۾ گھِڙ! پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمان) چيو تہ اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم
27:45 ۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون تہ الله جي عبادت ڪريو، پوءِ اُھي اُن مھل ٻہ ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪندا رھندا
27:46 (صالح) چيو تہ اي منھنجي قوم! اوھين چڱائيءَ کان اڳ برائيءَ جي تڪڙ ڇو ڪندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇو نہ ٿا گھرو تہ منَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي
27:47 چيائون تہ، تو کي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو تہ، اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي، بلڪ اوھين پرکيل قوم آھيو
27:48 ۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھئا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھئا ۽ سُڌارو نہ ڪندا ھئا
27:49 اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو تہ، صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون، وري سندس وارث کي ضرور چونداسون تہ، (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نہ ھئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون
27:50 ۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (بہ) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھئا
27:51 پوءِ (اي پيغمبر!) نھار تہ سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي! جو اسان کين ۽ سندن ساريءَ قوم کي ناس ڪيو
27:52 پوءِ اِنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون، اِھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ وڏي نشاني آھي
27:53 ۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسين
27:54 ۽ لُوط کي (موڪليوسون)، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائين تہ، اوھين بيحيائي (جو ڪم) ڇو ڪندا آھيو؟ ۽ اوھين ڏسندا (بہ) آھيو؟
27:55 اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ڇو ويندا آھيو؟ بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو
27:56 تڏھن سندن قوم جي ورندي رڳو ھيءَ ھئي تہ، چيائون تہ پنھنجي ڳوٺ مان لُوط جي گھر وارن کي تڙيو، ڇو تہ اُھي ماڻھو پاڪ ھجڻ گھرندا آھن
27:57 پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي بچايوسون، سواءِ سندس زال جي، جنھن کي پوئتي رھيلن مان ٺھرايوسين
27:58 ۽ مٿن مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄايلن جو مينھن بڇڙو آھي
27:59 (اي پيغمبر!) چئو تہ، سڀ ساراھ الله کي جڳائي ۽ سندس اُنھن ٻانھن تي سلام ھجي جن کي پسند ڪيائين، الله ڀلو آھي يا اُھو جنھن کي (اُھي الله جو) شريڪ بڻائيندا آھن؟
27:60 (نہ بلڪ پڇون ٿا تہ) اُھو ڪير آھي، جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوھان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو؟ پوءِ اُن سان (ھر طرح جا) رونق وارا باغ ڄماياسون، اُنھن (باغن) جي وڻن جي ڄمائڻ جي اوھان کي (ڪا سگھ) نہ ھئي، الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُھي (اھڙي قوم آھن جو سڌي رستي کان) ٿڙي ھلندا آھن
27:61 (نہ بلڪ پڇون ٿا ٿہ) زمين کي ٽڪاءُ وارو ڪنھن ڪيو؟ ۽ اُن جي وچ ۾ نھرون (ڪنھن) پيدا ڪيون؟ ۽ مٿس جبل (ڪنھن) پيدا ڪيا؟ ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ (ڪنھن) اوٽ بڻائي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُنھن مان گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
27:62 (نہ بلڪ پُڇون ٿا تہ) پريشان حال جي دُعا ڪير قبول ڪندو آھي جڏھن (ھو) الله کي سڏيندو آھي ۽ (ڪير) تڪليف دور ڪندو آھي؟ ۽ اوھان کي زمين ۾ (ڪير اڳين جو) وارث ڪندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو
27:63 (نہ بلڪ پڇون ٿا تہ) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجيءَ ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ ھوائُن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي
27:64 ڀلا نئين سر خلق ڪير بڻائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چئو تہ، جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ پنھنجي حُجت آڻيو
27:65 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي بہ آھن، سي الله کانسواءِ ڳجھ نہ ڄاڻندا آھن ۽ نڪي ڄاڻندا آھن تہ ڪڏھن وري اُٿاربن
27:66 بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نہ!) بلڪ ان (جي سمجھ) کان انڌا آھن
27:67 ۽ ڪافر چوندا آھن تہ، جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (بہ، تڏھن بہ) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟
27:68 بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ (ڳالھ) جو اَنجام ڏنو ويو آھي، ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن
27:69 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ، زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو تہ گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي ھئي
27:70 ۽ (اي پيغمبر!) مٿن ڏک نہ ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نہ رھ
27:71 ۽ چوندا آھن تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اِھو انجام ڪڏھن ٿيندو
27:72 (کين) چئو تہ، جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو، تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي
27:73 ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي، پر گھڻا ماڻھو شڪر نہ ڪندا آھن
27:74 ۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو تنھنجو پالڻھار بيشڪ ڄاڻندو آھي
27:75 ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شئي) ڳجھي نہ آھي، جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نہ آھي
27:76 بيشڪ ھيءُ قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي، جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھئا
27:77 ۽ بيشڪ اُھو مومنن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
27:78 بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي
27:79 پوءِ (اي پيغمبر! تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين
27:80 بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين، جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن
27:81 ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين (تون) رُڳو اُنھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو، پوءِ اُھي فرمانبردار آھن
27:82 ۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو، (تڏھن) اُنھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون، جو ساڻن ڳالھائيندو، اِنھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نہ رکندا ھئا
27:83 ۽ اُنھيءَ ڏينھن، جو سڀڪنھن اُمت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون، جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي، پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا
27:84 تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو تہ، اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو؟ ۽ انھن کي اوھان سمجھو بہ نہ ھُيو يا (چئو تہ) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟
27:85 ۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو، پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نہ سگھندا
27:86 نہ ڏٺو اَٿن ڇا تہ، اسان رات کي (ھن لاءِ) پيدا ڪيو تہ منجھس آرام وٺن ۽ ڏينھن کي روشن (بڻايوسون) بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ (منھنجي قدرت جون) نشانيون آھن
27:87 ۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو آھي، (سي نہ گھٻرائيندا) ۽ سڀڪو وٽن عجز انڪساري سان ايندو
27:88 ۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو، انھن کي (زمين) ۾ ڄميل ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي ڪاريگري آھي، جنھن سڀڪنھن شئي کي پڪو ڪري جوڙيو آھي، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اُھو خبر رکندڙ آھي
27:89 جيڪو نيڪي آڻيندو، تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان اَمن وارا ھوندا
27:90 ۽ جيڪو گناھ آڻيندا پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا (چيو ويندن) تہ جيڪي ڪندا ھُيؤ، تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نہ ٿو ڏجيوَ
27:91 (اي پيغمبر چئو تہ) مون کي تہ (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي تہ ھن شھر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪريان، جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شئي سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي تہ مُسلمانن مان ھُجان
27:92 ۽ (ھيءُ) قرآن پڙھان، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ ھدايت وارو ٿئي ٿو ۽ جيڪو گمراھ ٿيو تہ چئو تہ آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان
27:93 ۽ چئو تہ، سڀ ساراھ الله کي جڳائي، (اُھو) اوھان کي پنھنجون نشانيون سگھو ڏيکاريندوم پوءِ جنکي (اوھين) سُڃاڻندؤ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن کان اوھان جو پالڻھار بي خبر نہ آھي