al-Qasas (القَصَص)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 28 • 88 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
28:1 طٰسٓمّٓ
28:2 ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن
28:3 (اي پيغمبر!) موسىٰ ۽ فرعون جو ڪُجھ احوال مؤمن ماڻھن (جي ٻڌائڻ) لاءِ تو کي سچيءَ طرح پڙھي ٻڌايون ٿا
28:4 بيشڪ فرعون مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ھئي ۽ ان جي رھڻ وارن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو ھيائين، منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي ھيڻو ڪيو ھيائين جو سندن پُٽ ڪُھندو ھو ۽ سندن ڌيئرون جيئريون ڇڏيندو ھو، بيشڪ اُھو فسادين مان ھو
28:5 ۽ گھُريوسون تہ جن کي مُلڪ ۾ ھيڻو ڪيو ويو ھو، تن تي اِحسان ڪريون ۽ کين اڳواڻ بڻايون ۽ کين وارث ڪريون
28:6 ۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالھ) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھئا
28:7 ۽ موسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون تہ اُن کي کير پيار، پوءِ جڏھن مٿس خطرو ڀانئين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇو تہ اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون
28:8 پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي کڻي ورتو تہ (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، يقيناً فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھئا
28:9 ۽ فرعون جي زال چيو تہ، ھيءُ ڇوڪر منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نہ ڪُھو، منَ اسان کي فائدو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نہ ڄاڻندا ھئا
28:10 ۽ موسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، اھا ان راز کي ظاھي ڪرڻ تي ھئي، جيڪڏھن سندس دل کي اسين مضبوط نہ ڪريون ھا، (ھن لاءِ) تہ يقين ڪندڙن مان ٿئي
28:11 ۽ موسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين تہ، سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نہ ٿي ڄاتو
28:12 ۽ (ڀيڻس جي پھچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون، پوءِ ڀيڻس چيو تہ (آءٌ) اوھان کي اھڙو گھراڻو ڏسيان جو (اُھي) اوھان جي پاران اُن جي سنڀال ڪن؟ ۽ اُھي اُن جا گھڻ گھرا ھجن
28:13 پوءِ کيس سندس ماءُ ڏانھن وري پھچايوسون تہ سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نہ ٿئي ۽ (ھيءُ بہ) ڄاڻي تہ بيشڪ الله جو انجام سچو آھي، پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
28:14 ۽ جنھن مھل پنھنجي جوانيءَ کي پھتو ۽ پختو ٿيو (تنھن مھل) کيس دانائي ۽ عِلم ڏنوسون، ۽ اھڙيءَ طرح ڀلارن کي (چڱو) بدلو ڏيندا آھيون
28:15 ۽ (موسىٰ) شھر ۾ اُتي جي رھاڪن جي غفلت جي وقت ۾ گھڙيو، پوءِ اتي ٻہ مڙس پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺائين، ھي (ھڪڙو) سندس قوم مان ھو ۽ ھي (ٻيو) سندس ويريءَ (فرعون جي قوم) مان ھو، پوءِ جيڪو سندس قوم مان ھو، تنھن اُنھيءَ تي ھمراھي گھري جيڪو سندس ويريءَ (جي قوم) مان ھو، پوءِ موسىٰ ان کي مُڪ ھنئي ۽ اُن کي پورو ڪيائين، چيائين تہ ھيءُ شيطان جي ڪم مان آھي، بيشڪ اُھو پڌرو گمراھ ڪندڙ ويري آھي
28:16 چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو، تنھنڪري مون کي بخش، پوءِ کيس بخشيائين، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
28:17 چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! جيڪو مون تي فضل ڪيو اٿئي تنھن سببان ڏوھارين جو مددگار ڪڏھن نہ ٿيندس
28:18 پوءِ صُبح ٿيندي شھر ۾ ڊڄندو خبرون جاچيندو رھيو تہ اوچتو جنھن ڪالھ کانئس مدد گھري ھئي، تنھن کانئس (وري) رڙ ڪري مدد گھري، موسىٰ کيس چيو تہ تون صفا بي راھو آھين
28:19 پوءِ جيڪو ٻنھي جو ويري ھو تنھن ڏانھن (موسىٰ) جنھن مھل ھٿن ڊگھيرڻ جو ارادو ڪيو، (تنھن مھل فرياد ڪندڙ موسىٰ کي پاڻ تي سنبريل سمجھي) چيو تہ، اي موسىٰ جيئن ڪالھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ماريوءِ تيئن مون کي (بہ) مارڻ جو ارادو ڪرين ٿو ڇا؟ مُلڪ ۾ جابر ٿيڻ کانسواءِ تنھنجو ٻيو ڪو ارادو نہ آھي تون سُڌاريندڙن مان ھُجڻ نہ ٿو گھُرين
28:20 ۽ ھڪ مڙس شھر جي پرين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين تہ، اي موسىٰ بيشڪ (ھتان جا) سردار تولاءِ رٿ ڪن ٿا، تہ تو کي ڪُھن، تنھنڪري تون نڪر بيشڪ آءٌ تولاءِ خير گھرندڙن مان آھيان
28:21 پوءِ (مُوسىٰ) ڊڄندو بچندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ
28:22 ۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين تہ، اُميد اٿم تہ منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو
28:23 ۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن تي ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين ۽ اُنھن کانسواءِ ٻہ عورتون (بہ پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھلينديون ڏٺائين، (مُوسىٰ) چيو تہ اوھان جو ڇا معاملو آھي؟ چيائون تہ (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نہ پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نہ) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي
28:24 پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين، وري (ويھڻ لاءِ) ڇانوَ ڏانھن ڦريو، پوءِ چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪلين تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان
28:25 پوءِ منجھانئن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين تہ منھنجو پيءُ تو کي ھن لاءِ سڏي ٿو تہ جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھن جي مزوري تو کي ڏئي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين، (تنھن مھل شعيب) چيو تہ، ڊڄ نہ، (ھاڻي) ظالم قوم کان بچي نڪتين
28:26 منجھانئن ھڪ چيو تہ، اَبا ھن کي مزور ڪري رک، ڇو تہ ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو اعتبار جوڳو ھجي
28:27 (شعيب) چيو تہ، منھنجو ارادو آھي تہ ھنن پنھنجن ٻن ڌيئرن مان ھڪ ھن شرط تي تو کي پرڻايان تہ اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھن ڏھ (ورھيہ) پورا ڪندين تہ اُھو تنھنجي طرفان (احسان) آھي ۽ آءٌ تو تي (ڪا) سختي ڪرڻ نہ ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو تہ مون کي خيرخواھن مان ڏسندين
28:28 (مُوسىٰ) چيو تہ، منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، اِنھن ٻنھي مدتن مان جيڪا بہ پوري ڪريان تہ مون تي ڪو زور بار نہ ھوندو ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (ڪافي) آھي
28:29 پوءِ جنھن مھل موسىٰ (اھا) مُدّت پوري ڪئي ۽ پنھنجي گھروارن کي وٺي ھليو، (تنھن مھل وچ رستي ۾ ڪوھ) طور جي پاسي ڏانھن باھ ڏٺائين، پنھنجي گھر وارن کي چيائين تہ، ترسو بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اُميد اٿم تہ اُتان ڪا خبر يا ڪو باھ جو ٽانڊو اوھان وٽ آڻيندس تہ منَ اوھين پاڻ سيڪيو
28:30 پوءِ جڏھن اُنھيءَ (باھ) وٽ آيو (تڏھن) ميدان جي سڄي ڀر کان مُبارڪ جاءِ ۽ وڻ مان سڏيو ويو تہ، اي موسىٰ! بيشڪ آءٌ جھانن جو پالڻھار الله آھيان
28:31 ۽ تون پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي، (تنھن مھل) پٺيرو ٿي ڦريو ۽ پوئتي نہ موٽيو (چيوسون تہ) اي موسىٰ! اوري اچ ۽ نہ ڊڄ، جو بيشڪ تون اَمن وارن مان آھين
28:32 پنھنجو ھٿ گريبان ۾ وجھ تہ بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن ملاءِ، پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھئا
28:33 چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منجھانئن ھڪ شخص کي مون ماريو آھي، تنھنڪري آءٌ پنھنجي مارجڻ کان ڊڄان ٿو
28:34 ۽ منھنجو ڀاءُ ھارون مون کان (زبان جي ڪري) وڌيڪ چٽو ڳالھائيندڙ آھي، تنھنڪري اُن کي مون سان مدد ڏيندڙ ڪري موڪل تہ منھنجي تصديق ڪري، ڇو تہ آءٌ پنھنجي ڪوڙي ٿيڻ کان ڊڄان ٿو
28:35 (الله) چيو تہ، سگھو تنھنجا بازو تنھنجي ڀاءُ سان مظبوط ڪنداسون ۽ اوھان کي غلبو ڏينداسون، پوءِ (اُھي) اوھان ڏانھن (ايذاءَ لاءِ) پھچي نہ سگھندا، اسانجي معجزن سببان، اوھين ٻئي ۽ جيڪي اوھان جي پُٺيان لڳا، سي غالب رھندا
28:36 پوءِ جنھن مھل موسىٰ اسان جي پڌرن معجزن سان وٽن آيو, (تنھن مھل) چيائون تہ ھي رڳو ھٿرادو جادو آھي ۽ اِھا ڳالھ پنھنجن پھرين پيءُ ڏاڏن ۾ نہ ٻُڌي سون
28:37 ۽ موسىٰ چيو تہ، منھنجو پالڻھار انھيءَ کي وڌيڪ ڄاڻندو آھي، جنھن وٽانئس ھدايت آندي آھي ۽ جنھن لاءِ (آخرت ۾ موچاري) عاقبت جو گھر آھي، بيشڪ ظالم نہ ڇُٽندا
28:38 ۽ فرعون چيو تہ، اي (منھنجا) سردارؤ مون اوھان لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪو ٻيو معبود نہ ڄاتو آھي، پوءِ اي ھامان! مون لاءِ سرن جو (کورو) ٻار، پوءِ مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ تہ مان موسىٰ جي معبُود ڏانھن نھاريان ۽ آءٌ بيشڪ کيس ڪُوڙن مان ڀانيان ٿو
28:39 ۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪرن ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون تہ اُھي اسان ڏانھن نہ موٽائبا
28:40 پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون، ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس تہ ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي!
28:41 ۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن کي) باھ ڏانھن سڏيندا ھئا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نہ ڏبن
28:42 ۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا
28:43 ۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون، اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
28:44 ۽ (اي پيغمبر! تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نہ ھئين، جڏھن موسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرين مان ھُئين
28:45 پر ڪيترائي جُڳ (موسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون
28:46 ۽ نڪي (تون ڪوه) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون، پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ تو تي (ھن لاءِ ٿي) آھي تہ تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نہ آيو تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
28:47 ۽ جيڪڏھن ايئن نہ ھجي ھا تہ سندن ھٿن جيڪي اڳي موڪليو آھي، تنھن جي سبب اُنھن تي جڏھن مُصيبت پھچي، تڏھن (متان) چون تہ اي اسان جا پالڻھار! اسان ڏانھن ڪو پيغمبر ڇو نہ موڪليئي تہ تنھنجن آيتن جا تابعدار بڻجون ھا ۽ مؤمنن مان ھجون ھا (تہ تو کي نہ موڪليون ھا)
28:48 پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو، (تنھن مھل) چوڻ لڳا تہ، جھڙو (معجزو) موسىٰ کي ڏنو ويو، تھڙو ھن پيغمبر کي ڇو نہ ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي موسىٰ کي ڏنو ويو، تنھن جو انڪار نہ ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا تہ (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا تہ اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون
28:49 (کين) چئو تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو، جو اُھو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي تہ اُن جي تابعداري ڪريان
28:50 پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نہ ڪن تہ ڄاڻ تہ اُھي رڳو پنھنجن سَڌُن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجيءَ سَڌ تي ھلي، تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي؟ بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
28:51 ۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون تہ منَ اُھي نصيحت وٺن
28:52 جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو اٿئون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن
28:53 ۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي، (تڏھن) چوندا آھن تہ اُن تي ايمان آندوسون، بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي، بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھئاسون
28:54 اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻہ ڀيرا ڏبو، انھيءَ ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائيءَ سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿئون تنھن مان خرچيندا آھن
28:55 ۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن تہ اسان جا عمل اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا عمل اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، (اسين) جاھلن (جي سنگت) کي نہ ٿا گھرون
28:56 (اي پيغمبر!) بيشڪ تون جنھن کي گھرين تنھن کي ھدايت ڪري نہ ٿو سگھين، پر الله جنھن کي گھرندو آھي، تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو آھي
28:57 ۽ (ڪي) چوندا آھن تہ جيڪڏھن تو ساڻ ھدايت جي تابعداري ڪنداسون تہ پنھنجي مُلڪ مان تڙجي وينداسون، کين حرم ۾ امن سان نہ ٽڪاياسون ڇا؟ جو اُن ڏانھن سڀڪنھن جنس جو ميوو پاڻ وٽان روزيءَ طرح پھچائبو آھي، پر اُنھن مان گھڻا (ماڻھو) نہ ڄاڻندا آھن
28:58 ۽ ڳوٺن مان ڪيترائي ويران ڪياسون، جي پنھنجي گذران ۾ حد کان لنگھيا ھئا، پوءِ اُھي سندن رھڻ جون جايون آھن، اُنھن کانپوءِ ڪن ٿورڙن (وقتن) کانسواءِ (اُتي) رھيوئي ڪونہ آھي، ۽ آخر اسين (ئي) وارث ھياسون
28:59 ۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن ناس ڪرڻ وارو نہ آھي، جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نہ) موڪلي، جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن بہ ناس ڪرڻ وارا نہ آھيون، سواءِ اِنھيءَ حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن
28:60 ۽ ھر جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي، سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو آھي ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇو نہ سمجھ رکندا آھيو؟
28:61 ڀلا جنھن کي انجام چڱو ڏنوسون پوءِ اُھو ان کي ملڻ وارو آھي، سو اِنھي جھڙو آھي ڇا، جنھن کي رڳو دنيا جي حياتيءَ جي سامان سان خوشحال ڪيوسون، وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟
28:62 ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ، مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن، جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
28:63 (اُن ڏينھن) جن تي عذاب (جو حُڪم) لازم ٿي چڪو ھوندو، سي چوندا تہ اي اسانجا پالڻھار! ھي اُھي آھن جن کي گمراھ ڪيوسون، جھڙا پاڻ گمراھ ٿياسون تھڙو کين (بہ) ڪيوسون، (ھاڻي سڀني کان) تنھنجي آڏو بيزار ٿيون ٿا، اُھي اسان کي نہ پوڄيندا ھئا
28:64 ۽ چيو ويندو تہ پنھنجن شريڪن کي سڏيو، پوءِ کين سڏيندا تہ (اُھي) کين ورندي نہ ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا تہ) جيڪر اُھي (دنيا ۾) ھدايت وارا ھجن ھا!
28:65 ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏيندو، پوءِ چوندو تہ اوھان پيغمبرن کي ڪھڙي ورندي ڏني؟
28:66 پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون، پوءِ اُھي پاڻ ۾ (بہ) نہ پڇندا
28:67 پوءِ جنھن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سو اُميد آھي تہ ڇٽلن مان ٿيندو
28:68 ۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي، سو خلقيندو آھي ۽ (جنھن کي گھرندو تنھن کي) چونڊيندو آھي، انھن کي ڪو اختيار ڪونھي، الله کي پاڪائي آھي ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ مقرر ڪندا آھن، تنھن کان تمام مٿاھون آھي
28:69 ۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي
28:70 ۽ اُھو الله آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، دُنيا ۽ آخرت ۾ سندس ساراھ آھي، ۽ سندس ئي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھان کي موٽائبو
28:71 (کين) چئو تہ ڏسو تہ سھي، جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن تائين ھميشہ رات (قائم) ڪري ڇڏي تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ سوجھرو آڻيندو؟ پوءِ نہ ٻڌندا آھيو ڇا؟
28:72 (کين) چئو تہ، ڏسو تہ سھي، جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ڇڏي تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو، جنھن ۾ اوھين آرام وٺو؟ پوءِ اوھين نہ ٿا ڏسو ڇا؟
28:73 ۽ پنھنجيءَ ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين تہ (اوھين) منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
28:74 ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو تہ اُھي منھنجا شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
28:75 ۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسون ۽ چونداسون تہ پنھنجو دليل پيش ڪريو، پوءِ (اُھي) ڄاڻندا تہ بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلي ويندو
28:76 بيشڪ قارون موسىٰ جي قوم مان ھو، پوءِ مٿس بغاوت ڪرڻ لڳو ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھيوسون، جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو تہ (مال ڏسي) نہ آڪڙج ڇو تہ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نہ ڪندو آھي
28:77 ۽ الله تو کي جيڪي ڏنو آھي، تنھن سان آخرت جي گھر جي ڀلائي طلب ڪر ۽ دنيا مان پنھنجو (نيڪ عمل ڪرڻ جو) حصو نہ وسار ۽ جھڙي طرح الله توسان چڱائي ڪئي آھي، تھڙي طرح (تون سندس خلق سان) چڱائي ڪر ۽ زمين ۾ فساد وجھڻ نہ گھُر، ڇو تہ الله فساد ڪرڻ وارن کي پسند نہ ڪندو آھي
28:78 (قارون) چيو تہ، اُھو (گھڻو مال) تہ رڳو ھڪ ھُنر سان، جو مون وٽ آھي، مون کي مليو آھي، نہ ڄاتو ھئائين ڇا تہ بيشڪ الله کانئس اڳ (اُھي) ڪيترائي جُڳ ناس ڪري ڇڏيا ھئا، جيڪي کانئس ڏاڍيءَ سگھ وارا ۽ وڏي جماعت وارا ھئا، ۽ ڏوھارين کان سندن ڏوھن بابت (عذر) نہ پڇبو
28:79 پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھرندا ھئا، تن چيو تہ، ھاءِ ارمان! اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (بہ) ھجي ھا جھڙوڪ قارون کي ڏنو ويو آھي، بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي
28:80 ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو تہ، اوھان لاءِ ويل ھُجي! الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي، جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نہ گِھڙندي آھي
28:81 پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانہ ھئي، جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو
28:82 ۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا تہ، عجب آھي تہ الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ (بہ) ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نہ ڪري ھا تہ اسان کي (بہ زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا! نہ ڄاتو اٿيئي تہ ڪافرن کي ڇوٽڪارو نہ آھي؟
28:83 اِھو آخرت جو گھر آھي، جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي، جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ نہ گھرندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي
28:84 جيڪو چڱائي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ جيڪو مدائي آڻيندو تہ مدائين ڪرڻ وارا رڳو اُھا سزا لھندا جيڪي ڪيائون ٿي
28:85 بيشڪ جنھن (الله) تو تي قرآن نازل ڪيو، سو موٽڻ جي جاءِ (آخرت) ڏانھن تو کي ضرور موٽائڻ وارو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ جنھن ھدايت آندي، تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي بہ جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي
28:86 ۽ تو کي ڪو آسرو نہ ھو تہ تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو، پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نہ ٿج
28:87 ۽ (اي پيغمبر!) تو کي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان، اُن کان بعد جو تو ڏانھن موڪليون ويون، (ڪافر) نہ جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نہ ٿيءُ
28:88 ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نہ سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شئي ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ