29:1
الٓمّٓ
29:2
ماڻھن ڀانيو آھي ڇا تہ سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي تہ ايمان آندوسون، اُھي ڇڏي ڏبا ۽ اُھي نہ آزمائبا؟
29:3
۽ جيڪي کانئن اڳ ھئا، تن کي بيشڪ پرکيوسون، پوءِ جيڪي سچا آھن، تن کي الله ضرور ڌار ڪندو ۽ ڪُوڙن کي (بہ) ضرور ڌار ڪندو
29:4
جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا، تن ڀانيو آھي ڇا تہ اسان کان اڳتي نڪري ويندا؟ جيڪو فيصلو ڪن ٿا، سو بڇڙو آھي
29:5
جيڪو الله جي ملڻ جي اميد رکندو آھي، سو (سمجھي) تہ بيشڪ الله جي ٺھرايل مُدت ضرور اچڻي آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي
29:6
۽ جيڪو (الله جي دين لاءِ) ڪوشش ڪري سو رڳو پنھنجي لاءِ ئي ڪوشش ٿو ڪري، ڇو تہ الله جھانن کان بي پرواھ آھي
29:7
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کان سندن مدايون ضرور ميٽينداسون ۽ جيڪي ڪندا ھئا، تنھن جو کين ڏاڍو چڱو بدلو ڏينداسون
29:8
۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ (اي ماڻھو!) جيڪڏھن (اُھي) مون سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ جي لاءِ تو کي مجبور ڪن، جنھن (جي حقيقت) جي تو کي ڪا ڄاڻپ نہ آھي، تہ اُنھن جو چيو نہ مڃ، اوھان جو مون ڏانھن موٽڻ آھي، تنھنڪري جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندس
29:9
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي صالحن (جي ٽوليءَ) ۾ ضرور داخل ڪنداسون
29:10
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن، جي چوندا آھن، تہ الله تي ايمان آندو اٿئون، پوءِ جڏھن الله (جي واٽ) ۾ اُن کي (ڪو) ايذاءُ پھچايو ويندو آھي، (تڏھن) ماڻھن جي ايذائن کي الله جي عذاب وانگر سمجھندو آھي، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار وٽان ڪا مدد ايندي آھي تہ چوندا آھن تہ، بيشڪ اسين اوھان ساڻ ھياسون، جيڪي جھان (وارن) جي دلين ۾ آھي سو الله چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ نہ آھي ڇا؟
29:11
۽ جن ايمان آندو آھي، تن کي الله ڌار ڪندو ۽ منافقن کي بہ ڌار ڪندو
29:12
۽ ڪافر مؤمنن کي چون ٿا تہ، (اوھين) اسان جي واٽ جي تابعداري ڪريو ۽ (اسين) اوھان جون مدايون کڻنداسين، حالانڪ اُھي سندين مداين مان ڪجھ بہ کڻڻ وارا نہ آھن، بيشڪ اُھي ڪُوڙا آھن
29:13
۽ پنھنجن (گناھن جون) ڳٺڙيون ۽ (ٻيون ڪيئي) ڳٺڙيون پنھنجي گناھن سان ضرورکڻندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا آھن، تنھن بابت قيامت جي ڏينھن ضرور پڇيا ويندا
29:14
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون، ۽ پوءِ پنجاھ ورھيہ گھٽ (ھڪ) ھزار سال منجھن رھيو، پوءِ کين طوفان پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھئا
29:15
پوءِ کيس ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ اُن (ٻيڙيءَ) کي جھان (وارن) لاءِ نشاني ڪيوسون
29:16
۽ ابراھيم کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائين تہ، الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو
29:17
اوھين تہ الله کانسواءِ بُتن کي پوڄيندا آھيو ۽ اوھين (ڪوڙو) ٺاھ ٺاھيندا آھيو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو، سي اوھان کي روزي (ڏيڻ) جا (ڪي) مالڪ نہ آھن، تنھنڪري الله وٽان روزي طلب ڪريو ۽ سندس عبادت ڪريو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، ڏانھس موٽايا ويندؤ
29:18
۽ جيڪڏھن ڪوڙو ڀانيو ٿا تہ، (ڇا ٿيو؟) بيشڪ اوھان کان اڳ (ڪيترين) اُمتن (پنھنجن پيغمبرن کي) ڪوڙو ڀانيو ھو، ۽ پيغمبر تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ رکيل) نہ آھي
29:19
نہ ڏٺو اٿن، ڇا؟ تہ الله خلق کي ڪھڙيءَ طرح نئين سِر بنائيندو آھي، وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، بيشڪ اِھو (ڪم) الله تي آسان آھي
29:20
(کين) چئو تہ مُلڪ ۾ گھمو، پوءِ نظر ڪريو تہ الله ڪيئن نئين سِر خلق کي پيدا ڪيو، وري اُن پيدا ڪيل کي الله ٻيھر پيدا ڪندو، ڇو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
29:21
جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن تي رحم ڪري ۽ (اوھين) ڏانھس موٽايا ويندؤ
29:22
۽ اوھين نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ عاجز ڪرڻ وارا آھيو ۽ اوھان جو الله کانسواءِ نہ ڪو سڄڻ ۽ نہ ڪو مددگار آھي
29:23
۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو سي منھنجي ٻاجھ کان نا اُميد ٿيا آھن ۽ اُنھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي
29:24
پوءِ ابراھيم جي قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ (ٻي) ڪانہ ھئي تہ اُن کي ڪُھو يا اُن کي ساڙيو، پوءِ الله کيس باھ کان بچايو، بيشڪ ھن (احوال) ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آھن
29:25
۽ (ابراھيم) چيو تہ، اوھان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن کي اختيار ڪيو آھي، وري قيامت جي ڏينھن اوھين ھڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي لعنت ڪندا، ۽ اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪوبہ مددگار نہ آھي
29:26
پوءِ ابراھيم تي لُوط ايمان آندو، ۽ ابراھيم چيو تہ، بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وطن ڇڏڻ وارو آھيان، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
29:27
۽ اُن کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيوسون ۽ سندس اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب مقرر ڪيوسون ۽ کيس دنيا ۾ سندس اجر ڏنوسون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ (بہ) صالحن مان آھي
29:28
۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجيءَ قوم کي چيائين تہ، اوھين اُھو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھيو، جو جھان وارن مان ڪنھن ھڪ (بہ) اُھو اوھان کان اڳ نہ ڪيو آھي
29:29
ڇا اوھين نرن ڏانھن (شھوت سان) ويندا آھيو ۽ واٽ تي ڦُر ڪندا آھيو، ۽ پنھنجن مجلسن ۾ بد ڪم ڪندا آھيو؟ پوءِ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کان سواءِ نہ ھئي تہ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ الله جو عذاب اسان وٽ آڻ
29:30
(لُوط) چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! مون کي فسادين جي قوم تي مدد ڏي
29:31
۽ جنھن مھل اسان جي قاصدن (ملائڪن) ابراھيم وٽ خوشخبري آندي (تنھن مھل) چيائون تہ، اسين ھن ڳوٺ وارن کي ناس ڪرڻ وارا آھيون، ڇو تہ اُتي جي رھڻ وارا ظالم (ٿيا) آھن
29:32
(ابراھيم) چيو تہ، بيشڪ اُن ۾ لُوط آھي، چيائون تہ جيڪو بہ منجھس آھي، تنھن کي اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون، کيس ۽ سندس گھر جي ڀاتين کي ضرور بچائينداسون، سواءِ سندس زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي
29:33
۽ جنھن مھل اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا، تنھن مھل انھن جي (اچڻ) سببان ناراض ٿيو ۽ اُنھن جي (اچڻ) سببان دل تنگ ٿيو ۽ (اُنھن) چيو تہ نڪي ڊڄ ۽ نڪي غمگين ٿيءُ، بيشڪ اسين تو کي ۽ تنھنجي گھر جي ڀاتين کي بچائڻ وارا آھيون، سواءِ تنھنجي زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي
29:34
بيشڪ اسين ھن ڳوٺ وارن تي ھڪ عذاب اِنھيءَ سببان آسمان کان لاھڻ وارا آھيون، جو بدڪار ٿيا آھن
29:35
۽ بيشڪ اِن ڳوٺ جي پڌري نشاني سمجھندڙ قوم لاءِ ڇڏي سون
29:36
۽ مدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون، پوءِ چيائين تہ، اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينھن جي اُميد رکو ۽ فسادي ٿي مُلڪ ۾ نہ گھمو ڦِرو
29:37
پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري کين زلزلي اچي ورتو، پوءِ پنھنجن گھرن ۾ (ئي) اونڌا ٿي (مري) پيا
29:38
۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندن گھرن مان ڪي اوھان تي ظاھر ٿي چڪا آھن ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن عمل سينگاريا ھئا، پوءِ کين (سڌيءَ) واٽ کان جھليائين ۽ (اُھي) سمجھ وارا (بہ) ھئا
29:39
۽ قارون ۽ فرعون ۽ ھامان کي (بہ چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ موسىٰ پڌرن معجزن سان وٽن آيو ھو، پوءِ مُلڪ ۾ وڏائي ڪيائون ۽ (اسان کان) اڳ ڪڍي ويندڙ نہ ھئا
29:40
پوءِ سڀڪنھن کي سندس گناھ سببان پڪڙيوسون، پوءِ منجھانئن ڪن تي سخت آنڌي موڪلي سون، ۽ منجھانئن ڪن کي ڪڙڪي (اچي) ورتو ۽ منجھانئن ڪن کي زمين ۾ ڳھايوسون ۽ منجھانئن ڪن کي ٻوڙيوسون، ۽ ڪڏھن ٿيڻو نہ ھو، جو الله مٿن ظلم ڪري، پر ھنن پنھنجو پاڻ تي ظلم ٿي ڪيو
29:41
جن الله کانسواءِ (ٻيا) دوست ورتا آھن تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال وانگر آھي، جنھن گھر ٺاھيو ۽ بيشڪ سڀني گھرن ۾ وڌيڪ ھيڻو ڪوريئڙي جو گھر آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (تہ ايئن نہ ڪن ھا)
29:42
بيشڪ جنھن شئي کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن، سا جيڪا بہ ھجي تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي
29:43
۽ اِھي مثال آھن جن کي ماڻھن لاءِ بيان ڪندا آھيون، ۽ انھن کي ڄاڻندڙن کانسواءِ ڪو ڪونہ سمجھندو آھي
29:44
الله آسمانن ۽ زمين کي (چڱيء) رِٿ سان خلقيو آھي، بيشڪ اِن (ڪم) ۾ مؤمنن لاءِ (وڏي) نشاني آھي
29:45
(اي پيغمبر!) ڪتاب مان جيڪي تو ڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ ۽ نماز قائم ڪر، بيشڪ نماز بيحيائي ۽ بري (ڪم ڪرڻ) کان جھليندي آھي ۽ بيشڪ الله جو ياد ڪرڻ (سڀ کان) وڏو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو، سو الله ڄاڻندو آھي
29:46
۽ ڪتاب وارن مان جن بي انصافي ڪئي تن کانسواءِ ٻـين سان ڏاڍي چڱي طريقي کانسواءِ تڪرار نہ ڪريو ۽ چئو تہ جيڪي اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي ۽ جيڪي اوھان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي، تنھن تي اسان ايمان آندو آھي ۽ اسان جو معبود ۽ اوھان جو معبُود ھڪ آھي ۽ اسين مسلمان آھيون
29:47
۽ (جھڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪياسون) اھڙيءَ طرح اسان تو ڏانھن ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون اھي اُن کي مڃيندا آھن، ۽ انھن (عربن) مان ڪو (اھڙو) آھي، جو اُن تي ايمان آڻيندو آھي، ۽ ڪافرن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نہ ڪندو آھي
29:48
۽ اِنھيءَ (قرآن جي لھڻ) کان اڳ ڪو ڪتاب نڪي تون پڙھندو ھئين ۽ نڪي اُھو پنھنجي سڄي ھٿ سان لکندو ھئين (جيڪڏھن لکين پڙھين ھا) تہ اُنھيءَ مھل اُھي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ھا
29:49
بلڪ اُھو (قرآن) پڌريون آيتون (آھن) انھن جي سينن ۾ (محفوظ) آھي، جن کي عِلم ڏنو ويو آھي ۽ ظالمن کان سواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نہ ڪندو آھي
29:50
۽ چون ٿا تہ سندس پالڻھار کان مٿس مُعجزا ڇو نہ نازل ڪيا ويا آھن؟ (کين) چئو تہ مُعجزا (تہ رڳو منھنجي) الله وٽ آھن ۽ آءٌ تہ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
29:51
اسان تو تي ڪتاب نازل ڪيو، جو کين پڙھي ٻڌائبو آھي، سو کين ڪافي نہ آھي ڇا؟ بيشڪ ھن ۾ مؤمنن جي قوم لاءِ رحمت ۽ نصيحت آھي
29:52
کين چئو تہ الله منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ شاھد ڪافي آھي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو اُھو ڄاڻندو آھي ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي ٽوٽي وارا آھن
29:53
۽ توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جيڪڏھن (اُن جي) مدت مقرر ٿيل نہ ھجي ھا تہ کين عذاب ضرور پھچي ھا ۽ (اُھو) مٿن پڪ اوچتو ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا
29:54
توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي (اُنھيءَ ڏينھن) وڪوڙيندڙ آھي
29:55
جنھن ڏينھن کين عذاب سندن مٿان ۽ سندن پيرن جي ھيٺان ويڙھيندو ۽ (الله) چوندو تہ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن جو (مزو) چکو
29:56
اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ! بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي، تنھنڪري خاص منھنجي عبادت ڪريو
29:57
ھر ھڪ نفس موت جو مزو چکڻ وارو آھي، وري اسان ڏي موٽائبؤ
29:58
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي ضرور بھشت جي ماڙين ۾ ٽِڪائينداسون، جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، منجس سدائين رھڻ وارا آھن (انھن چڱن) ڪمن ڪندڙن جي مزوري چڱي آھي
29:59
جن صبر ڪيو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن
29:60
۽ ڪيترائي جانور پنھنجي روزي (ساڻ) نہ کڻندا آھن، الله تعالىٰ انھن کي ۽ اوھان کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي
29:61
۽ جيڪڏھن کانئن پُڇين تہ ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ تہ ضرور چوندا تہ الله، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن؟
29:62
الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تہ تنھن جي) تنگ ڪندو آھي، ڇو تہ الله ھر شئي کي ڄاڻندڙ آھي
29:63
۽ جيڪڏھن کائن پڇين تہ ڪنھن آسمان کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ (غيرآباد ٿيڻ) کانپوءِ جيئرو (آباد) ڪيو؟ تہ ضرور چوندا تہ الله (اي پيغمبر! کين) چئو تہ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ منجھائن گھڻا نہ ڄاڻندا آھن
29:64
۽ ھيءَ دنيا جي حياتي تہ تماشي ۽ راند کانسواءِ ٻيو ڪجھ نہ آھي، ۽ بيشڪ آخرت جي حويلي ئي سدائين حياتيءَ (واري) آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (تہ آخرت کي دنيا کان وڌيڪ پسند ڪن ھا!)
29:65
پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن، (تڏھن) رڳو الله کي سندس سچو اعتقاد رکندڙ ٿي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين ڀر ڏانھن بچائي پھچائيندو آھي، (تڏھن) اُتي جو اُتي (ھن ڪري) شرڪ ڪندا آھن
29:66
تہ جيڪي کين ڏنوسون تنھن جي بي شُڪري ڪن، ۽ ڀل تہ مزا ماڻي وٺن پوءِ سگھوئي (حال جي حقيقت) ڄاڻندا
29:67
نہ ڏٺائون ڇا تہ اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇو ڪوڙ (باطل) کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو (ڇو) انڪار ڪندا آھن؟
29:68
۽ اُن کان وڌيڪ ڪير ظالم آھي، جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا جڏھن وٽس حق آيو، تڏھن اُن کي ڪوڙو ڄاڻي؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نہ آھي ڇا؟
29:69
۽ جن اسان (جي واٽ) ۾ ڪوشش ڪئي، تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسون ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي