ar-Rum (الرُّوم)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 30 • 60 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
30:1 الٓمّٓ
30:2 رُومي ھيڻا ٿيا
30:3 ويجھي مُلڪ ۾ ۽ اُھي پنھنجي ھيڻي ٿيڻ کانپوءِ سگھوئي غالب ٿيندا
30:4 ٿورن ورھين ۾، الله جي ئي (ھٿ ۾) حڪومت اڳي توڙي پوءِ آھي، ۽ اُنھيءَ ڏينھن مُؤمن خوش ٿيندا
30:5 الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي
30:6 الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نہ ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
30:7 ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن
30:8 پنھنجين دلين ۾ نہ پروڙيائون ڇا؟ تہ الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نہ بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن
30:9 مُلڪ ۾ نہ گھميا آھن ڇا، جو نھارين تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي؟ جي کانئن وڌيڪ سگھ وارا ھئا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اھا جيڪي پاڻ آباد ڪيائون، تنھن کان وڌيڪ اُھا اُنھن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نہ ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي
30:10 وري جن بڇڙائي ڪئي، تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي، ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھئا
30:11 الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو، وري ان کي ٻيھر بڻائيندو، وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ
30:12 ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نااُميد ٿيندا
30:13 ۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبہ انھن کي سفارش ڪرڻ وارو نہ ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايلن) شريڪن جا منڪر ٿيندا
30:14 ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، تنھن ڏينھن (ماڻھو) ڌاروڌار ٿيندا
30:15 پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا
30:16 ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا
30:17 پوءِ جنھن مھل سانجھي ڪريو ۽ جنھن مھل صبح ڪريو، تنھن مھل الله جي پاڪائي بيان ڪيو
30:18 ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اُن جي ساراھ آھي ۽ پوئين پھر ۽ جنھن مھل منجھند ڪريو (تنھن مھل بہ پاڪائي بيان ڪريو)
30:19 مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مئو ڪڍندو آھي ۽ زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، ۽ اھڙي طرح (اوھين قبرن مان) ڪڍبؤ
30:20 ۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين، وري اُنھيءَ مھل اوھين ماڻھو ٿي گھمو ڦرو ٿا
30:21 ۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين تہ انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن، جيڪي ڌيان رکندا آھن
30:22 ۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي ٻولين ۽ رنگن جو قِسمين قسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آھن
30:23 ۽ اوھان جو رات ۽ ڏينھن ۾ سمھڻ ۽ اوھان جو سندس فضل مان روزي طلب ڪرڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ھن ۾ اُن قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي (ڪن لائي) ٻڌندا آھن
30:24 ۽ سندس نشانين مان (ھيءُ بہ) آھي جو اوھان کي ڊيڄارڻ ۽ اُميد رکڻ لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان کان پاڻي وسائيندو آھي پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، بيشڪ ھِن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن، جيڪي سمجھ رکندا آھن
30:25 ۽ سندس حُڪم سان آسمان ۽ زمين جو بيھڻ سندس نشانين مان آھي، وري جنھن مھل اوھان کي زمين مان ھڪ ئي ڀيرو سڏيو ويندو، (تنھن مھل) جھٽ پٽ اوھين نڪرندؤ
30:26 ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، سڀئي سندس فرمانبردار آھن
30:27 ۽ اُھوئي آھي، جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي، وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو مٿس بلڪل سھنجو آھي ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي
30:28 (الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (تہ) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن، سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسون تنھن ۾ اوھان جا ڪي ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (ڀائيواريءَ جي دعوىٰ) کان اھڙيءَ طرح ڊڄندا آھيو، جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن
30:29 بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو، تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو؟ ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي
30:30 پوءِ (اي پيغمبر!) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نہ آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
30:31 ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نہ ٿيو
30:32 اُنھن مان نہ ٿيو جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي، جيڪي وٽس آھي
30:33 ۽ جڏھن ماڻھن کي ڪا اوکائي پھچندي آھي، (تڏھن) پنھنجي پالڻھار ڏي مُھاڙ ڪري کيس سڏيندا آھن، وري جڏھن اُھو پاڻ وٽان کين ٻاجھ چکائيندو آھي، (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل منجھائن ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان (ھن لاءِ) شريڪ بڻائيندي آھي
30:34 تہ جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ مزا ماڻي وٺو، پوءِ سگھوئي (حال حقيقت) ڄاڻندؤ
30:35 مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا؟ جو اُنھيءَ (شئي) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي، جنھن شئي کي الله سان شريڪ ڪندا آھن
30:36 ۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھيءَ سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي تہ اُنھي ئي مھل نااُميد ٿيندا آھن
30:37 نہ ڏٺو اٿن ڇا؟ تہ الله جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي، تنھن جي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن
30:38 تنھنڪري مائٽيءَ واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي، سندس حق ڏي اِھو اُنھن لاءِ ڀلو آھي، جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن ۽ اِھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن
30:39 ۽ وياج مان جيڪي ڏنو ھجيوَ تہ ماڻھن جي مال ۾ وَڌي سو الله وٽ نہ وڌندو ۽ الله جو راضپو گھرندڙ ٿي زڪوٰة مان جيڪي ڏنو ھجيوَ، پوءِ اِھي ئي (پنھنجي مال کي الله وٽ) ٻيڻو ڪندڙ آھن
30:40 الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو، وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا، جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي)؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن
30:41 ماڻھن جي ھٿن جي ڪئي سببان بَر ۽ بَحر ۾ فساد ھن لاءِ پڌرو ٿيو آھي تہ، جيڪي (مَدا ڪم) ڪيائون تنھن جي ڪُجھ (سزا) کين چکائي تہ منَ اُھي موٽن
30:42 چئو تہ مُلڪ ۾ گھُمو، پوءِ ڏسو تہ جيڪي اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ منجھانئن گھڻا مشرڪ ھئا
30:43 پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار! جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نہ آھي، اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا
30:44 جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا
30:45 تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي (الله) پنھنجي فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نہ رکندو آھي
30:46 ۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي تہ خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ تہ اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ تہ سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ تہ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
30:47 ۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون، پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ جن نافرماني ڪئي، تن کان بدلو ورتوسون ۽ مؤمنن کي سوڀارو ڪرڻ اسان تي حق آھي
30:48 الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي، پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن، پوءِ جيئن (الله) گھرندو آھي، تيئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊائيندو آھي، پوءِ اُن کي تَھ تَھ ڪندو آھي، پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين، جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس، تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي، (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن
30:49 ۽ جيتوڻيڪ اڳ اُن (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳيئي نااُميد ٿيندا ھئا
30:50 پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار تہ ڪھڙيءَ طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
30:51 ۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون (جو ان کي سڪائي ڇڏي) پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن تہ اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن
30:52 پوءِ (اي پيغمبر!) تون سڏ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين، جڏھن تہ اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين
30:53 ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون تہ رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آھي، پوءِ اُھي مسلمان بہ آھن
30:54 الله اُھو آھي، جنھن اوھان کي (پھرين) ڪمزور (شئي) مان خلقيو آھي، وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين، وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍائي ڏنائين، جو گھرندو آھي، سو خلقيندو آھي ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي
30:55 ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) گنھگار قسم کڻندا تہ (دنيا ۾) ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) نہ رھيا ھئا (سون)، اھڙيءَ طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھئا
30:56 ۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي، سي کين چوندا تہ الله جي ڪتاب ۾ لکئي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھيءُ جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي، پر اوھين نہ ڄاڻندا ھيؤ
30:57 پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نہ ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبھ طلب ڪبي
30:58 ۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال بيان ڪياسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪا نشاني (تون) آڻين تہ ڪافر ضرور چوندا تہ اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو
30:59 اھڙيءَ طرح جيڪي نہ ڄاڻندا آھن، تن جي دلين تي الله مُھر ھڻندو آھي
30:60 پوءِ (اي پيغمبر!) صبر ڪر، ڇو تہ الله جو واعدو سچو آھي ۽ جيڪي يقين نہ رکندا آھن، سي تو کي ھلڪو نہ سمجھن