Nuh (نُوح)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 71 • 28 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
71:1 بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو تہ پنھنجي قوم کي، انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار
71:2 چيائين تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوھان جو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
71:3 (۽ چوانوَ ٿو) تہ الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ (ان ڳالھ ۾) منھنجو چيو مڃيو
71:4 تہ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، ڇو تہ جڏھن الله جو ٺھرايل وقت ايندو، (تڏھن) ان کي ڍر نہ ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (تہ اِن ڳالھ کي ياد رکو)
71:5 (نوح) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس
71:6 پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نہ وڌايو
71:7 ۽ بيشڪ مون جڏھن بہ انھن کي سڏيو تہ (اُھي توبھ ڪن ۽ تون) انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا (پاڻ تي) ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون
71:8 وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو
71:9 وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھيءَ طرح (بہ) چيم
71:10 پوءِ چيم تہ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇو تہ اُھو بخشڻھار آھي
71:11 تہ گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي
71:12 ۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي
71:13 اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي، جو الله جي وڏائيءَ جو ويساھ نہ ٿا رکو؟
71:14 حالانڪ اوھان کي مختلف مرحلن ۾ خلقيائين
71:15 نہ ڏسندا آھيو ڇا تہ الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو؟
71:16 ۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين
71:17 ۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو
71:18 وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ ھڪڙي (ٻاھر) ڪڍڻ طرح اوھان کي (ٻاھر) ڪڍندو
71:19 ۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو
71:20 تہ اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو
71:21 نوح چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ اُنھن منھنجو چيو نہ مڃيو ۽ اُنھن (ائيسن جي) پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد خساري کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ نہ وڌايو آھي
71:22 ۽ اُنھن (رئيسن) تمام وڏو فريب پکيڙيو
71:23 ۽ چيائون تہ پنھنجن بُتن کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏيو ۽ نڪي وَدَ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسر کي (اوھين ڪڏھن) ڇڏيو
71:24 ۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ وڌيڪ نہ ڏي
71:25 انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو، وري انھن کي باھ ۾ وڌو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نہ لڌائون
71:26 ۽ نُوح چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نہ ڇڏ
71:27 ڇو تہ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين تہ تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) ڪي نہ ڄڻيندا
71:28 اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي، تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪجھ وڌيڪ نہ ڏي