72:1
(اي پيغمبر) چئو تہ، مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو تہ جنن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو، پوءِ چيائون تہ بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو
72:2
جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو، تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ اصل نہ ڪنداسون
72:3
۽ (بيان ڪرڻ لڳا) تہ اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي، نڪي ڪو زال ۽ نڪي ڪو اولاد رکيو اٿس
72:4
۽ ھيءُ تہ الله جي نسبت ۾ اسان مان ڪنھن بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي
72:5
۽ ھيءُ تہ اسان ڀانيو ھو تہ انسان ۽ جن الله تي ڪڏھن ڪوڙ نہ چوندا
72:6
۽ ھيءُ تہ ماڻھن مان ڪيترا ماڻھو جنن جي مردن جي سام پوندا ھئا، پوءِ (ماڻھن) جنن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي
72:7
۽ ھيءُ تہ (اي جنؤ!) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو تہ الله ڪنھن کي پيغمبر ڪري اصل نہ موڪليندو
72:8
۽ ھيءُ تہ اسان آسمان کي جاچيو، پوءِ ڏٺوسونس تہ سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي
72:9
۽ ھيءُ تہ اسين (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھئاسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪَنُ ڏيندو آھي، سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي
72:10
۽ ھيءُ تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائيءَ جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائيءَ جو ارادو ڪيو آھي
72:11
۽ ھيءُ تہ اسان مان ڪي سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (بہ) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھئاسون
72:12
۽ ھيءُ تہ اسان پڪ ڄاتو تہ زمين ۾ الله کي ڪڏھن بہ ٿَڪائي نہ سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس
72:13
۽ ھيءُ تہ جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو
72:14
۽ ھيءُ تہ اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي ظالم آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌيءَ واٽ جي سوچ ڪئي
72:15
۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا
72:16
۽ (اي پيغمبر!) ھيءُ (بہ چئو تہ مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) تہ جيڪڏھن (ماڻھو سڌيءَ) واٽ تي بيھڪ وٺن ھا تہ ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا
72:17
تہ جيئن اُن (سڪار ڪرڻ) ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو، تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو
72:18
۽ ھيءُ تہ (سڀ) مسجدون (خاص) الله جون آھن، تنھنڪري الله سان (گڏ) ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو
72:19
۽ ھيءُ تہ جنھن مھل الله جو ٻانھو (محمد ﷺ) بيٺو تہ سندس عبادت ڪري (تنھن مھل جن) مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھئا
72:20
چئو تہ آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نہ ٿو ڪريان
72:21
چئو تہ بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئين رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان
72:22
چئو تہ بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبہ نہ بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نہ لھندس
72:23
مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو، تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي، جنھن ۾ سدائين رھندا
72:24
(ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪہ جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن، پوءِ ڄاڻندا تہ مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي
72:25
(کين) چئو تہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مدت مقرر ڪندو؟
72:26
(اُھو) ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي، پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نہ ڪندو آھي
72:27
سواءِ اُن پيغمبر جي جنھن کي پسند ڪيائين، پوءِ بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي
72:28
(ھن لاءِ) تہ ڄاڻي تہ پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي (الله ھر طرح پنھنجي) وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شئي جو ڳاڻاٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس