al-`Adiyat (العَادِيَات)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 100 • 11 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
100:1 ھانڀارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي
100:2 پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جو قسم آھي
100:3 پوءِ صبح جي مھل لُٽِ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
100:4 جو اُن مھل رئي اُٿارين
100:5 پوءِ اُن گھڙيءَ (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون
100:6 تہ بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي
100:7 ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھيءَ تي شاھد آھي
100:8 ۽ بيشڪ اُھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو سخت آھي
100:9 (اُنھيءَ وقت کي) نہ ڄاڻندو آھي ڇا، جنھن وقت اُنھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نہ آھن؟
100:10 ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو
100:11 بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي