az-Zalzalah (الزَّلْزَلَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 99 • 8 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
99:1 جڏھن زمين کي سندس (چڱي) ڌوڏڻ سان ڌوڏبو
99:2 ۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي
99:3 ۽ ماڻھو (عجب کان) چوندو تہ زمين کي ڇا ٿيو آھي
99:4 اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون (سڀ) خبرون بيان ڪندي
99:5 ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو آھي
99:6 اُن ڏينھن ماڻھو (حساب جي جاءِ کان) ڌار ڌار ٽوليون ٿي ورندا تہ سندن ڪم کين ڏيکارجن
99:7 پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو، سو اُن کي ڏسندو
99:8 ۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو، سو اُن کي ڏسندو