98:1
ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي (ايسين پنھنجي رسم کان) الڳ ٿيڻ وارا نہ ھئا جيسين تائين وٽن پڌري حجت (نہ) اچي
98:2
(يعني) الله جو پيغمبر، جو پاڪ صحيفا پڙھي
98:3
جن ۾ سڌا سنوان لکيل حُڪم ھجن
98:4
۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو، سي پاڻ وٽ پڌريءَ حجت جي اچڻ کانپوءِ ٽولا ٽولا ٿيا
98:5
۽ ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو حڪم نہ ڪيو وين تہ باطل کان مُنھن موڙي الله جي عبادت ڪن ۽ نماز پڙھندا رھن ۽ زڪوٰة ڏيندا رھن ۽ اھو ئي سڌو دين آھي
98:6
بيشڪ ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا، منجھس سدائين رھندڙ ھوندا، اِھي ئي (ساريءَ) خلق کان (تمام) بڇڙا آھن
98:7
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اِھي ئي (ساريءَ) خَلق کان ڀَلا آھن
98:8
سندن بدلو سندن پالڻھار وٽ ھميشہ جي رھڻ وارا باغ آھن، جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، انھن ۾ ھميشہ سدائين رھندڙ ھوندا الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اِھو (وعدو) اُنھيءَ لاءِ آھي، جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو