101:1
سخت ٺوڪيندڙ
101:2
(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
101:3
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
101:4
جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيل پتنگن وانگر ھوندا
101:5
۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جيان ھوندا
101:6
پوءِ جنھن (جي عملن) جا پلڙا ڳرا ٿيا
101:7
سو دل پسند زندگي ۾ ھوندو
101:8
۽ جنھن (جي عملن) جا پلڙا ھلڪا ٿيا
101:9
تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاويَه آھي
101:10
۽ ڪنھن سمجھايئي تہ اُھا (ھاويه) ڇا آھي؟
101:11
ھڪ ٻرندڙ باھ آھي