at-Takathur (التَّكَاثُر)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 102 • 8 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
102:1 (اي ماڻھو!) پاڻ ۾ گھڻائيءَ (جي حرص) اوھان کي (آخرت کان) غافل ڪيو
102:2 تان جو قبرن کي ڏٺوَ
102:3 ايئن نہ آھي، سگھوئي ڄاڻندؤ
102:4 (وري چئون ٿا تہ) نہ نہ! سگھوئي ڄاڻندؤ
102:5 اصل نہ! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (تہ غافل نہ ٿيو ھا)
102:6 (قسم آھي) تہ ضرور دوزخ کي ڏسندؤ
102:7 وري بہ اُن کي يقين واريءَ اک ساڻ ضرور ڏسندؤ
102:8 وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو