47:1
جن ڪُفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليو تن جي عملن کي الله چَٽ ڪيو
47:2
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي محمد (ﷺ) تي نازل ڪيو ويو ۽ اُھو سندس پالڻھار وٽان سچ (آيل) آھي، تنھن کي مڃيائون، تن جون مدايون کانئن ميٽايائين ۽ سندن حال کي سُڌاريائين
47:3
اِھو ھن ڪري آھي جو ڪافر ڪُوڙ جي پٺيان لڳا ۽ مؤمنن پنھنجي پالڻھار جي سچي دين جي پيروي ڪئي، اھڙيءَ طرح ماڻھن لاءِ سندن احوال بيان ڪندو آھي
47:4
پوءِ جڏھن اوھين ڪافرن سان جنگ ڪريو، تڏھن (اُنھن جون) گردنون ڪٽيو، تانجو جڏھن منجھن گھڻو رت ڇاڻ ڪيوَ، تڏھن قيدين کي مضبوط ٻڌو، وري (قيد کان) پوءِ يا تہ احسان ڪرڻ (سان ڇڏڻ) يا چَٽي وٺڻ (گھُرجي) تانجو ويڙھ (وارا) پنھنجا ھٿيار رکي (ڇڏين يعني ويڙھ بند ٿئي)، اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا تہ (پاڻ) کانئن بدلو وٺي ھا، پر (گھرندو آھي تہ) اوھان مان ڪن کي ڪن سان پرکي ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪٺا تن جا عمل ڪڏھن چَٽ نہ ڪندو
47:5
کين سڌو رستو ڏيکاريندو ۽ سندن حال سڌاريندو
47:6
۽ کين اُنھيءَ بھشت ۾ داخل ڪندو، جيڪو کين ڄاڻايو اٿس
47:7
اي ايمان وارؤ! جيڪڏھن اوھين الله (جي دين) جي مدد ڪندؤ تہ (الله) اوھان جي مدد ڪندو ۽ اوھان جا قدم مضبوط ڪندو
47:8
۽ جن انڪار ڪيو تن کي شال ھلاڪي ھجي ۽ (الله) سندن عملن کي چَٽ ڪيو
47:9
اِھا (سزا) ھِن ڪري آھي جو جيڪي الله نازل ڪيو آھي، تنھنکي انھن ناپسند ڪيو، تنھن ڪري (الله) سندن عملن کي چٽ ڪيو
47:10
زمين ۾ نہ گھميا آھن ڇا تہ نھارين تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ ۽ الله مٿن ھلاڪي نازل ڪئي، ۽ ڪافرن لاءِ اھڙيون (ئي سزائون) آھن
47:11
اِھو ھن ڪري آھي جو الله مؤمنن جو ڪارساز آھي ۽ (ھن ڪري بہ) تہ ڪافرن جو ڪو سڄڻ نہ آھي
47:12
جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، تن کي بيشڪ الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ۽ جن انڪار ڪيو (سي دنيا جو) نفعو وٺندا آھن ۽ ايئن کائيندا آھن، جيئن ڍور کائيندا آھن ۽ (ھميشہ) سندن جاءِ باھ آھي
47:13
۽ (اي پيغمبر!) تنھنجي ڳوٺ، جنھن (جي ماڻھن) تو کي ڪڍي ڇڏيو، تنھن کان وڌيڪ سگھ وارا ڪيترائي ڳوٺ ھئا، جو اُنھن کي ناس ڪيوسون، پوءِ انھن جو ڪو واھرو نہ ھو
47:14
جيڪو پنھنجي پالڻھار کان پڌريءَ حُجت تي ھجي، سو انھيءَ جھڙو آھي ڇا؟ جنھن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳا؟
47:15
جنھن بھشت جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي، تنھنجي وصف ھيءَ آھي، جو اُن ۾ اھڙي پاڻي جون واھيون آھن جو (گھڻي رھڻ ڪري) نہ سينواريو آھي ۽ اھڙي کير جون واھيون آھن، جنھن جو مزو نہ مَٽيو آھي ۽ پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ شراب جون واھيون آھن، ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون بہ واھيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ منجھس ھر جنس جا ميوا آھن ۽ سندن پالڻھار وٽان (مٿن) بخشش (بہ) آھي (اِھي) اُنھن جھڙا آھن ڇا، جيڪي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا ھجن ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي جو سندن آنڊن کي ڇني ڇڏي؟
47:16
۽ منجھانئن ڪو اھڙو آھي جو تو ڏانھن ڪن ڏيندو آھي، تان جو جنھن مھل تو وٽان نڪرندا آھن (تنھن مھل) جن کي علم ڏنو ويو، تن کي چوندا آھن تہ ھاڻي (پيغمبر) ڇا چيو؟ اِھي اُھي آھن، جن جي دلين تي الله مُھر ھنئي آھي ۽ جيڪي پنھنجي (نفس جي) سَڌن تي ھليا
47:17
۽ جن سِڌو رستو ورتو تن کي الله ھدايت ۾ وڌايو ۽ کين سندن پرھيزگاري ڏني
47:18
(ڪافر) پاڻ وٽ قيامت جي اوچتي اچڻ کانسواءِ (ٻي ڳالھ جا) منتظر نہ آھن، پوءِ بيشڪ اُن جون نشانيون اچي چڪيون آھن، پوءِ جڏھن وٽن (قيامت) ايندي، تڏھن کين نصيحت وٺڻ ڪٿان (نفعي واري ٿيندي)؟
47:19
پوءِ ڄاڻ تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نہ آھي ۽ پنھنجن گناھن جي ۽ (سڀني) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ بخشش گھُر، ۽ الله اوھان جي اچ وڃ جو ھنڌ ۽ اوھان جي رھڻ جي جڳھ ڄاڻندو آھي
47:20
۽ مؤمن چوندا آھن تہ ڪا سُورة ڇو نہ نازل ڪئي ويئي؟ پوءِ جڏھن پڌري معنىٰ واري سُورة نازل ڪئي وڃي ۽ اُن ۾ جھاد جو ذڪر ڪيو وڃي تہ جن جي دلين ۾ بيماري آھي، تن کي ڏسندين تہ تو ڏانھن اُنھيءَ (ماڻھو) جي نھارڻ وانگر ڏسندا آھن، جنھن کي موت (جي سڪرات) کان بيھوشي پُھتي ھجي، پوءِ سندن لاءِ خرابي آھي
47:21
فرمانبرداري ڪرڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ (کين بھتر) آھي، پوءِ جڏھن (جھاد جو) ڪم پڪو ٿي چڪي (تڏھن انڪار ڪن)، جيڪڏھن الله سان سچا ھجن ھا تہ سندن لاءِ ڀلو ھجي ھا
47:22
پوءِ (اي ڪمزور ايمان وارؤ!) جيڪڏھن (اوھين ماڻھن جا) حاڪم ٿيو تہ (اوھين) ھن (ڳالھ) کي ويجھا آھيو تہ زمين ۾ خرابي ڪندؤ ۽ پنھنجيون مائٽيون ڇنندؤ
47:23
اِھي اُھي آھن جن کي الله لعنت ڪئي، پوءِ کين ٻوڙو ڪيائين ۽ سندن اکيون انڌيون ڪيائين
47:24
ڇا قرآن ۾ غور نہ ڪندا آھن يا (سندين) دلين تي اُنھن (دلين) جا تالا (لڳل) آھن؟
47:25
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جو کين ھدايت (جي واٽ) پڌري ٿي پنھنجن پٺين ڀر ڦريا تن کي شيطان (اِھو ڪم) چڱو ڪري ڏيکاريو آھي ۽ کين مھلت (ھجڻ) جو وعدو ڏنو اٿس
47:26
اِھو (سڀ) ھن ڪري آھي تہ جيڪي الله نازل ڪيو آھي، تنھن کي جن (ماڻھن) ناپسند ڪيو آھي، تن کي اُنھن (منافقن) چيو تہ ڪن ڪمن ۾ اوھان جو چيو مڃينداسون، ۽ الله سندين ڳجھين ڳالھين (ڪرڻ) کي ڄاڻندو آھي
47:27
پوءِ (تڏھن سندن حال) ڪيئن ٿيندو، جڏھن ملائڪ سندن رُوح ڪڍندا، (جنھن مھل) سندن مُنھن ۽ سندن پُٺيون ڪُٽيندا
47:28
اِھا (سزا) ھِن ڪري آھي تہ جنھن شئي الله کي ڏمرايو، تنھن جي پٺيان لڳا ۽ سندس رضامندي کي ناپسند ڪيائون، تنھنڪري (الله) سندن عملن کي چٽ ڪيو
47:29
جن جي دلين ۾ بيماري (پيل) آھي، تن ڀانيو آھي ڇا تہ الله سندن (دلين جا) ساڙ ڪڏھن پڌرا نہ ڪندو؟
47:30
۽ جيڪڏھن گھرون ھا تہ اُھي تو کي ڏيکاريون ھا، پوءِ سندن چھرن مان کين سڃاڻين ھا ۽ ضرور کين ڳالھائڻ جي ڍنگ ۾ معلوم ڪرين ھا ۽ الله اوھان جا ڪرتوت ڄاڻندو آھي
47:31
۽ ضرور اوھان کي پرکينداسون تہ اوھان مان مجاھدن ۽ صابرن کي معلوم ڪريون ۽ اوھان جا احوال جاچيون
47:32
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليو ۽ کين ھدايت (جي واٽ) پڌري ٿي، تنھن کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪيائون، سي الله جو ڪجھ نقصان نہ ڪندا ۽ (الله) سندن عمل سگھوئي چٽ ڪندو
47:33
اي ايمان وارؤ! الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو ۽ پنھنجا عمل نہ وڃايو
47:34
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھليو وري ڪافر ٿي مئا، تن کي الله ڪڏھن نہ بخشيندو
47:35
پوءِ سُست نہ ٿيو ۽ صلح ڏانھن نہ سڏيو، ۽ اوھين (ئي) غالب آھيو ۽ الله اوھان ساڻ آھي ۽ اوھان جي عملن کي ڪڏھن ضايع نہ ڪندو
47:36
دنيا جي حياتي تہ رڳو راند ۽ تماشو آھي ۽ جيڪڏھن (اوھين) ايمان آڻيندؤ ۽ پرھيزگاري ڪندؤ تہ اوھان جو اُجورو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کان اوھان جو (سڀ) مال نہ گھرندو
47:37
جيڪڏھن اوھان کان (اوھان جو) مال گھري، پوءِ (گھرڻ ۾) اوھان کي تنگ ڪري تہ (اُنھيءَ وقت ضرور) بخيلي ڪندؤ ۽ اُھا (بخيلي) اوھان جون بدنيتون ظاھر ڪندي
47:38
خبردار ٿجو! اوھين اُھي (ماڻھو) آھيو جو اوھان کي سڏيو وڃي ٿو تہ الله جي واٽ ۾ خرچيو، پوءِ اوھان مان ڪو (تہ اھڙو) آھي، جو بخيلي ٿو ڪري ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ٿو ڪري ۽ الله بي پرواھ آھي ۽ اوھين محتاج آھيو ۽ جيڪڏھن منھن موڙيندؤ تہ اوھان کانسواءِ (ٻي) ڪنھن قوم کي مٽائي آڻيندو، پوءِ اُھي اوھان جھڙا نہ ھوندا