al-Fath (الفَتْح)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 48 • 29 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
48:1 (اي پيغمبر) بيشڪ اسان تو کي پڌري فتح ڏني
48:2 (فتح جو نتيجو ھيءُ آھي) تہ تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوئتي رھيا سي (سڀ) الله تو کي معاف ڪري ۽ تو تي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ تو کي سِڌي واٽ ڏيکاري
48:3 ۽ الله زبردست سوڀ سان تو کي سوڀارو ڪري
48:4 (الله) اُھو آھي، جنھن مؤمنن جي دلين ۾ سڪون نازل ڪيو تہ (اُنھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
48:5 (آرام لاھڻ جي پڇاڙي ھيءَ آھي) تہ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري، جن جي ھيٺان نھرون پيون وھن، اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي
48:6 ۽ (تہ) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله بابت تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، شال مصيبت مٿن ھجي! ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين ۽ (دوزخ) بڇڙو ھنڌ آھي
48:7 ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
48:8 بيشڪ اسان تو کي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو
48:9 تہ (اي مؤمنؤ!) اوھين الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عزت ڪريو، ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھيو
48:10 بيشڪ جيڪي توسان بيعت ڪندا آھن، سي الله ئي جي بيعت ڪندا آھن، سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي، پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي جوکي) لاءِ ٿو ڀڃي، ۽ جنھن (ڳالھ) تي الله سان انجام ڪيو اٿس، تنھنکي جيڪو پورو ڪندو، پوءِ سگھو تنھن کي (الله) وڏو اجر ڏيندو
48:11 (اي پيغمبر!) بدوين مان پوئتي رھيل تو کي چوندا تہ اسان کي پنھنجن مالن ۽ پنھنجن گھر جي ڀاتين رجھايو، تنھنڪري اسان لاءِ بخشش گھر، پنھنجن زبانن سان اھا (ڳالھ) چوندا جا سندن جي دلين ۾ نہ آھي، (کين) چئو تہ جيڪڏھن (الله) اوھان کي ڏک پھچائڻ جو ارادو ڪري يا اوھان کي سُک پھچائڻ جو ارادو ڪري تہ الله جي سامھون اوھان لاءِ ڪير ڪجھ ڪري سگھي ٿو؟ بلڪ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
48:12 (نہ) بلڪ ڀانيوَ تہ پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھروارن ڏانھن اصلي ڪڏھن نہ موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ
48:13 ۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نہ آندو تہ بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي
48:14 ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
48:15 جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ، تڏھن پوئتي رھيل چوندا تہ اسان کي ڇڏيو تہ اوھان سان ھلون، گھرندا آھن تہ الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، کين چئو تہ اسان سان ڪڏھن نہ ھلندؤ، اھڙيءَ طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا تہ (ايئن نہ آھي) بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشہ) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ بہ) نہ سمجھندا ھئا
48:16 (اي پيغمبر!) پوئتي رھيلن بدوين کي چئو تہ، سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا تہ (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ تہ الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ايئن) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو تہ (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو
48:17 (اھڙي جھاد کان رھڻ ۾) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو، تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو
48:18 بيشڪ الله مؤمنن کان (اُنھيءَ وقت) راضي ٿيو، جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون، پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين، پوءِ مٿن (دل جو) سڪون لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين
48:19 ۽ گھڻيون غنيمتون (بہ)، جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
48:20 الله اوھان کي گھڻين غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي، جن کي (اوھين) ھٿ آڻيندؤ، پوءِ (ھينئر) ھيءُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي جلد عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين (اُھو) ۽ ھن لاءِ تہ مؤمنن لاءِ اھا ھڪ (قدرت جي) نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري
48:21 ۽ ٻيون (بہ) جن تي قادر نہ ٿيا آھيو، بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
48:22 ۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا تہ ضرور (پنھنجون) پٺيون ڦيرائين ھا، وري نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو مددگار لھن ھا
48:23 الله جو قانون (ايئن آھي) جو (ھن کان) اڳ ھليو ايندو آھي ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن ڪا ڦيرڦار نہ ڏسندين
48:24 ۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان مڪي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ روڪيا ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن کي الله ڏسندڙ آھي
48:25 اِھي (قريش) اُھي آھن، جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي مسجد حرام کان جھليو ۽ قربانيءَ کي بہ (جھلي ڇڏيائون) جو پنھنجيءَ جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نہ ھجن ھا، جن کي اوھان نہ ڄاڻندا آھيو، تہ (اِنھيءَ خيال ڪري) تہ (متان) کين لتاڙي ڇڏيو، پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (تہ ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا!) (پر دير ھن ڪري آھي) تہ الله جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجيءَ ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا تہ ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب (جي) سزا ڏيون ھا
48:26 جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو، تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا لائق ھئا ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
48:27 بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي (ھر طرح جو واقعي موافق) خواب سچو ڏيکاريو، تہ جيڪڏھن الله گھريو تہ پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي مسجد حرام ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ ۽ نہ ڊڄندؤ، پوءِ (اوھين) جيڪي نہ ڄاڻندا آھيو، سو الله ڄاتو، تنھن ڪري اِن (مڪي جي فتح) کان اڳ (خيبر جي) فتح (الله) ويجھي مقرر ڪئي
48:28 (الله) اُھو آھي، جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو تہ اُن کي (ٻين) سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ الله (حق) ظاھر ڪندڙ ڪافي آھي
48:29 محمد (ﷺ) الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس گڏ آھن، سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن (۽) پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي تي وڌيڪ) مھربان آھن، (اي ڏسندڙ) کين رڪوع ڪندڙ (۽) سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين، الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، سندن (نيڪ بختيءَ جي) نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اِھو (جيڪي بيان ڪيو ويو سو) سندن (حال جو) قصو توريت ۾ (بيان ٿيل) آھي ۽ سندس مثال (جو قصو) اِنجيل ۾ (بہ بيان ٿيل آھي تہ اِھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن، جنھن پنھنجو (سائو) سَلو ڪڍيو، پوءِ اُن (سلي) کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلھو ٿيو، پوءِ پنھنجن ڏانڊين تي (سڌو) بيٺو جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو بہ آخر اھڙو حال آھي)، تہ (الله) ڪافرن کي اِنھن (مؤمنن جي ڏسڻ) ڪري ڪاوڙائي، جن ايمان آندو آھي ۽ منجھانئن (جن) چڱا ڪم ڪيا (تن مڙني کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي