al-Ahqaf (الأَحْقَاف)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 46 • 35 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
46:1 حٰمٓ
46:2 (ھن) ڪتاب جو لاھڻ غالب حڪمت واري الله وٽان آھي
46:3 آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھن کي پوريءَ رٿ سان ۽ ھڪ مقرر مدت تائين (رھڻ لاءِ) بڻايوسون ۽ ڪافر جنھن کان ڊيڄاريا ويا (تنھن کان) مُنھن موڙيندڙ آھن
46:4 (کين) چئو تہ ڏسو تہ سھي تہ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو (تن ڪا بڻاوت بڻائي آھي ڇا؟) مون کي ڏيکاريو تہ زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شئي پيدا ڪئي اٿن؟ يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ھن کان اڳ (آيل) ڪوبہ ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو
46:5 ۽ انھيءَ کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي جيڪو الله ڌاران (ٻئي) اھڙي (بت) کي سڏي جو قيامت تائين سندس سڏ کي نہ ورنائي ۽ اُھي (ڪوڙا بت) سندن سڏڻ کان (ئي) بي خبر آھن
46:6 ۽ جڏھن (قيامت ۾) ماڻھو گڏ ڪبا (تڏھن اھي بت) سندن ويري ھوندا ۽ سندن پوڄا کان منڪر ھوندا
46:7 ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن اُھي) ڪافر سچي ڳالھ (يعني قرآن) بنسبت جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) چوندا آھن تہ ھيءُ پڌرو جادو آھي
46:8 بلڪ چوندا آھن تہ اُن کي (پيغمبر پاڻ) ٺاھيو آھي، (کين چئو تہ) جيڪڏھن اُن کي (پاڻ) ٺاھيو اٿم تہ اوھين الله کان (ڇڏائڻ واسطي) مون لاءِ ڪجھ ڪري نہ ٿا سگھو، جيڪي قرآن بابت گفتگو ڪندا آھيو (سو) الله چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي، منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) حق کي ظاھر ڪندڙ ڪافي آھي ۽ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
46:9 چئو تہ، آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نہ آھيان ۽ نٿو ڄاڻان تہ مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي، تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نہ ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
46:10 (کين) چئو تہ ڏسو تہ سھي جيڪڏھن (اِھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نہ ٿا مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي، پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (تہ ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
46:11 ۽ ڪافرن مؤمنن بہ نسبت چيو تہ جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا تہ اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نہ ڪن ھا ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان ھدايت نہ لڌي تڏھن سگھو چوندا تہ ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي (جو ھليو ٿو اچي)
46:12 ۽ ھن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (دين ۾) راھنما ۽ رحمت ھو ۽ ھيءُ ڪتاب (ان جو) سچو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي، ھن لاءِ تہ ظالمن کي ڊيڄاري ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي
46:13 بيشڪ جن چيو تہ اسان جو پالڻھار الله آھي، پوءِ اِن (چوڻ) تي مضبوط رھيا، تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نہ ڪي غمگين ھوندا
46:14 اِھي بھشتي آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، جيڪي ڪندا ھئا، تنھنجي بدلي ۾ (اھو بھشت ڏبو)
46:15 ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سندس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ (گھٽ ۾ گھٽ) اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جوانيءَ کي پُھتو ۽ چاليھن ورھين کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق ڏي تہ تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان، جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ تہ (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ تو ڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان
46:16 اِھي اُھي آھن جن جا تمام چڱا ڪم جيڪي ڪيائون سي قبول ڪندا آھيون ۽ سندين مداين کان ٽارو ڪندا آھيون (اھي) بھشتن ۾ ھوندا، جيڪو ساڻن سچو وعدو ڪبو ھو تنھن جي ڪري
46:17 ۽ جنھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو تہ، اوھان کي حيف ھجي مون کي انجام ڏيو ٿا ڇا تہ (قبرن مان) ڪڍيو ويندس؟ ۽ بيشڪ مون کان اڳ (ماڻھن جا) ڪيترائي جُڳ گذري ويا آھن (تہ منجھانئن وري ڪو بہ جيئرو نہ ٿيو) ۽ اھي ٻئي الله کي ٻاڏائيندا آھن ۽ (چوندا اٿس تہ) ڪم بخت ايمان آڻ، ڇو تہ الله جو انجام سچو آھي، پوءِ چوندو آھي تہ اھو (انجام) رڳو اڳوڻن جو آکاڻيون آھن
46:18 اِھي اُھي آھن جن تي (اھڙي) سزا لازم ٿي، (جھڙي اُنھن) ٽولين ۾ ٿي جي جِنن ۽ ماڻھن مان کانئن اڳ گذري ويا، بيشڪ اھي ڇيئي وارا ھئا
46:19 ۽ سڀڪنھن لاءِ (ڌار ڌار) درجا انھيءَ آھر آھن، جيڪي ڪم ڪيائون، ۽ (ھيُ ھِن لاءِ) تہ (الله) سندن عملن جو کين پورو بدلو ڏئي ۽ مٿن ظلم نہ ڪبو
46:20 ۽ انھيءَ ڏينھن، جو ڪافر باھ جي آڏو ڪبا، (چئبن تہ) پنھنجون نعمتون پنھنجي دنيائي حياتيءَ ۾ (نہ) وڃائي چڪؤ ۽ انھن سان مزا ماڻيندا رھيؤ، تنھنڪري اڄ اوھان کي خواريءَ جي عذاب جو بدلو انھيءَ ڪري ڏبو جو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا ھئو ۽ انھيءَ ڪري (بہ) جو بدڪاري ڪندا ھئو
46:21 ۽ عاد جي ڀاءُ (ھود جي قصي) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجيءَ قوم کي (واديءَ) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ بيشڪ سندس اڳيان ۽ سندس پوئتان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھئا، تہ الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نہ ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو
46:22 چيائون تہ، اسان وٽ ھن لاءِ آيو آھين ڇا تہ اسان کي پنھنجن معبودن (جي عبادت) کان ڦيرائين؟ پوءِ جيڪڏھن سچن مان آھين تہ جيڪو وعدو اسان کي ڏئين ٿو سو اسان وٽ آڻ
46:23 چيائين تہ، (اھا) خبر رڳو الله کي آھي ۽ جنھن (پيغام) سان موڪليو ويو آھيان، سو اوھان کي پھچايان ٿو پر اوھان کي ھڪ جاھل قوم ڏسان ٿو
46:24 پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن وادين ڏانھن سامھون ايندڙ ھو (تنھن مھل) چيائون تہ ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو (ھود چيو تہ نہ نہ!) بلڪ اِھو (ڪڪر حقيقت ۾) اُھو (عذاب) آھي، جنھن کي جلدي گھريؤ، (اھا) ھڪ آنڌي آھي، جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
46:25 (جو) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀڪنھن شئي کي ناس ڪندي، پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کانسواءِ ڪجھ نہ ٿي ڏٺو ويو، اھڙيءَ طرح ڏوھاريءَ قوم کي سزا ڏيندا آھيون
46:26 ۽ بيشڪ انھن کي اھڙي جاءِ ڏني ھئي سون جو اوھان کي بہ جاءِ نہ ڏني سون ۽ انھن کي ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون ھيون سون، پوءِ جڏھن الله جي آيتن جو انڪار ڪيائون، تڏھن نڪي سندن ڪنن ۽ نڪي سندن اکين ۽ نڪي سندن دلين ڪجھ بہ (عذاب) کانئن ٽاريو ۽ جنھن (عذاب) بابت ٺـٺوليون ڪندا ھئا، سو مٿن ڪڙڪيو
46:27 ۽ بيشڪ جيڪي ڳوٺ اوھان جي آس پاس آھن، سي (سڀ) ناس ڪياسون ۽ (پنھنجون) طرحين طرحين نشانيون پڌريون ڪيون سون تہ منَ اُھي (ڪفر کان) موٽن
46:28 پوءِ الله کانسواءِ (ٻين) جن کي (الله جي) ويجھائيءَ لاءِ (پنھنجا) معبود ڪري ورتو ھئائون تن کين مدد ڇو نہ ڏني ھئي؟ (نہ!) بلڪ (اُھي عذاب وقت) کانئن گم ٿي ويا ۽ اھو سندن ڪُوڙ آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا (سو بہ گم ٿي ويو)
46:29 ۽ (ياد ڪر) جڏھن جنن مان ھڪ ٽوليءَ کي تو ڏانھن لاڙيوسون جو قرآن ٻڌائون ٿي، پوءِ جنھن مھل پيغمبر وٽ پھتا! (تنھن مھل) چيائون تہ ماٺ ڪريو، پوءِ جنھن مھل (قرآن پڙھي) پورو ڪيو ويو تہ پنھنجيءَ قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ ٿي موٽيا
46:30 چيائون تہ اي اسان جي قوم! بيشڪ اسان اھڙو ڪتاب ٻڌو جو موسىٰ کانپوءِ لاٿو ويو آھي، جو جيڪي اُن کان اڳ (نازل ٿيل) ھو، تنھن (سڀ) کي سچو ڪندڙ آھي، سچي دين ڏانھن ۽ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو
46:31 اي اسان جي قوم! الله جي (طرف) سڏيندڙ کي سڏ ڏيو ۽ اُن تي ايمان آڻيو تہ (الله) اوھان جا ڪي ڏوھ اوھان کي بخشي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب کان اوھان کي ڇڏائي
46:32 ۽ جيڪو الله ڏانھن سڏيندڙ کي سڏ نہ ڏيندو سو مُلڪ ۾ (ڀڄي) ٿَڪائڻ وارو نہ آھي ۽ الله کانسواءِ اُن جا ڪي سڄڻ نہ آھن، اُھي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھن
46:33 نہ ڏٺو اٿن ڇا تہ الله جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ انھن جي بڻائڻ ۾ نہ ٿڪو سو ھن (ڳالھ) تي وس وارو آھي تہ مُئن کي جياري، ھائو! بيشڪ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
46:34 ۽ جنھن ڏينھن ڪافر باھ جي سامھون آڻبا، (تنھن ڏينھن چئبن تہ) ھي (وعدو) سچ نہ آھي ڇا؟ چوندا ھائو! اسان جي پالڻھار جو قسم آھي (تہ سچ آھي)، (الله) چوندو تہ (ھاڻي) اُنھيءَ ڪري عذاب چکو جو انڪار ڪندا ھئو
46:35 پوءِ (اي پيغمبر!) جيئن وڏيءَ ھمت وارن پيغمبرن صبر ڪيو ھو تئين (تون بہ) صبر ڪر ۽ اُنھن لاءِ (عذاب) جلد نہ گھُر، جنھن (قيامت) جو کين انجام ڏجي ٿو، سو جنھن ڏينھن ڏسندا تنھن ڏينھن (ايئن ڀائيندا تہ دنيا ۾) ڄڻڪ اُھي ڏينھن جي ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) رھيائي نہ ھئا (اِھو پيغام) پھچائڻو آھي، پوءِ بدڪارن جي قوم کانسواءِ (ٻيو) ھلاڪ نہ ڪبو