al-Jathiyah (الجَاثِيَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 45 • 37 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
45:1 حٰمٓ
45:2 (ھن) ڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري (جي طرف) کان آھي
45:3 بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ (پڪيون) نشانيون آھن
45:4 ۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي يقين رکندا آھن
45:5 ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي، پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جيڪي سمجھ رکندا آھن
45:6 اھي الله جون آيتون آھن، جي تو کي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ (ھاڻي) الله (جي نصيحت) ۽ سندس آيتن (جي ڇڏڻ) کان پوءِ ڪھڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا؟
45:7 ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ ويل آھي
45:8 الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن تہ ٻڌندو آھي، وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي، ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نہ ھئائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ
45:9 ۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٽوڪ ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي
45:10 سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کانئن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کانئن ٽاري سگھندا) ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي
45:11 ھيءُ (قرآن) ھدايت آھي ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي
45:12 الله اُھو آھي جنھن درياءُ اوھان جي تابع ڪيو تہ سندس حُڪم سان منجھس ٻيڙيون ھلن ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
45:13 ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جي سوچيندا آھن
45:14 مؤمنن کي چئو تہ جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نہ رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن تہ اِنھيءَ سببان جو جيڪي ڪمايو ھئائون (اُنھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي
45:15 جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو، تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ
45:16 ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون
45:17 ۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نہ ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي، تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ھاٺ سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھئا، تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو
45:18 وري (اي پيغمبر!) تو کي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون، تنھنڪري (تون) اُن (دين) جي تابعداري ڪر، ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھن، تن جي سَڌن پٺيان نہ لڳ
45:19 ڇو تہ اھي الله جي آڏو توکان ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي
45:20 ھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن ۽ جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي
45:21 جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا تہ کين انھن وانگر ڪنداسون، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ تہ سندن جيئڻ ۽ سندن مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن، سو بڇڙو آھي
45:22 ۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ تہ ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو، تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نہ ڪبو
45:23 (اي پيغمبر!) اُنھيءَ کي (نہ) ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ کي معبود ڪري ورتو ۽ علم ھوندي (گمراھ ٿيو تہ) الله کيس گمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنن تي ۽ سنديس دل تي مُھر ھنيائين ۽ سنديس اکين تي پردو وڌائين، پوءِ الله کانسواءِ کيس ڪير ھدايت ڪندو؟ پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
45:24 ۽ چوندا آھن تہ اسان جي رڳو ھيءَ دنيا جي حياتي آھي، جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نہ آھي، اھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن
45:25 ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندن حجت رڳو ھيءُ چوڻ ھوندو آھي تہ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو تہ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو
45:26 (اي پيغمبر! کين) چئو تہ الله اوھان کي جياريندو آھي، وري اوھان کي ماريندو، وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نہ آھي، گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نہ ڄاڻندا آھن
45:27 ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي، تنھن ڏينھن ڪوڙا نقصان پائيندا
45:28 ۽ (اي پيغمبر!) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي (چئبو) تہ جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو
45:29 (چونداسون) ھيءُ اسان جو دفتر آھي، جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھئاسون
45:30 پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجيءَ ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اِھا پڌري مراد ماڻڻ آھي
45:31 ۽ جن ڪُفر ڪيو (تن کي چئبو) تہ اوھان وٽ منھنجيون آيتون نہ پڙھبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھان وڏائي ڪئي ۽ ڏوھاري قوم ھئو
45:32 ۽ جڏھن چئبو ھيوَ تہ الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ ڪونہ آھي (تڏھن) چوندا ھئو تہ (اسين) نہ ڄاڻندا آھيون تہ قيامت ڇا آھي، اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نہ آھيون
45:33 ۽ جيڪي ڪمايو ھئائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شئي تي چٿرون ڪندا ھئا سا کين وڪوڙي ويندي
45:34 ۽ چئبو تہ اڄ اوھان کي (ايئن) وسارينداسون، جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نہ آھي
45:35 اِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي، جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نہ ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن
45:36 پوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي
45:37 ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس وڏائي آھي، ۽ اُھو زبردست حڪمت وارو آھي