al-Humazah (الهُمَزَة)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 104 • 9 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
104:1 (اُنھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي
104:2 جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين
104:3 ڀانئيندو آھي تہ سندس مال سدائين رھائيندو
104:4 ھرگز ايئن نہ آھي، ضرور حُطمہ ۾ اُڇلائبس
104:5 ۽ ڪنھن سمجھايئي تہ حُطَمہ ڇا آھي؟
104:6 الله جي ٻاريل باھ آھي
104:7 جا دلين تي چڙھندي
104:8 بيشڪ اُھا مٿن دربند ڪيل آھي
104:9 (جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا)