al-Ma`un (المَاعُون)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 107 • 7 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
107:1 (اي پيغمبر!) اُنھيءَ کي ڏٺئي ڇا؟ جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي
107:2 پوءِ ھيءُ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي
107:3 ۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نہ ڏياريندو آھي
107:4 پوءِ اُنھن نمازين لاءِ وَيل آھي
107:5 جي پنھنجين نمازن کان غافل رھندا آھن
107:6 اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن
107:7 ۽ (اڌاريون گھريل) معمولي شيون جھليندا آھن