an-Nas (النَّاس)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 114 • 6 verses • Meccan

← Previous Chapter
114:1 (اي پيغمبر!) چئو تہ، ماڻھن جي پالڻھار جي پناھ گھران ٿو
114:2 ماڻھن جي بادشاھ جي
114:3 ماڻھن جي (سچي) معبود جي
114:4 پٺتي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسوَسن جي بڇڙائيءَ کان
114:5 جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسوَسو وجھي ٿو
114:6 جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان