109:1
(اي پيغمبر! ڪافرن کي) چئو تہ، اي ڪافرؤ
109:2
نڪي (آءٌ) ان جي عبادت ڪندس جنھن جي (اوھين) عبادت ڪندا آھيو
109:3
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان
109:4
۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھن جي اوھان عبادت ڪئي
109:5
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان
109:6
اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي