64:1
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
64:2
(الله) اُھو آھي، جنھن اوھان کي پيدا ڪيو، پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو، سو الله ڏسندڙ آھي
64:3
آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين، پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي
64:4
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي، سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (بہ) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي
64:5
(ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نہ آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
64:6
اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا تہ چوندا ھئا تہ اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا؟ پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (بہ) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي
64:7
ڪافر ڀائيندا آھن تہ (قبرن مان) کين ڪڏھن نہ اُٿاربو، (کين) چئو تہ ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم تہ (اوھين) ضرور اُٿاربؤ، وري جيڪي ڪندا ھئو، تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله تي آسان آھي
64:8
تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (يعني قرآن) تي بہ جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
64:9
جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو (تنھن مھل اوھان کي ساري سُڌ ڏبي) اُھو ڏينھن ھڪ ٻئي جي کٽڻ ھارائڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ کيس اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، اُتي سدائين رھندا، اِھا وڏي ڪاميابي آھي
64:10
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، اُھي دوزخي آھن، اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي
64:11
الله جي حُڪم کانسواءِ ڪابہ مصيبت نہ پھچندي آھي ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو، تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شئي کي ڄاڻندڙ آھي
64:12
۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ تہ اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي
64:13
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نہ آھي ۽ مؤمنن کي جڳائي تہ الله تي (ئي) ڀروسو ڪن
64:14
اي ايمان وارؤ! بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪو اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي، تنھنڪري انھن کان بچو ۽ جيڪڏھن معاف ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو تہ بيشڪ الله (بہ) بخشڻھار مھربان آھي
64:15
اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي
64:16
تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو تہ خود اوھان جي لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن
64:17
جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ تہ (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻو (ورائي) ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي
64:18
ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ، غالب، حڪمت وارو آھي