al-Munafiqun (المُنَافِقُون)

Maulana Taj Mehmood Amroti - Maulana Taj Mehmood Amroti

Chapter 63 • 11 verses • Meccan

← Previous Chapter Next Chapter →
63:1 جڏھن منافق تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) چوندا آھن تہ شاھدي ٿا ڏيون تہ پڪ تون الله جو پيغمبر آھين ۽ الله ڄاڻندو آھي تہ بيشڪ تون سندس پيغمبر آھين ۽ الله شاھدي ٿو ڏئي تہ بيشڪ (اِھي) منافق ڪوڙا آھن
63:2 پنھنجن قَسمن کي ڍال (ڪري) ورتو اٿن، پوءِ الله جي واٽ کان روڪين ٿا، بيشڪ اِھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي
63:3 اِھو ھن ڪري آھي جو انھن ايمان آندو وري انڪار ڪيائون، پوءِ اُنھن جي دلين تي مُھر ھنئي وئي، تنھنڪري اُھي نہ سمجھندا آھن
63:4 ۽ (اي پيغمبر! تون) جڏھن کين ڏسندو آھين (تڏھن) سندن جُسا تو کي وڻندا آھن ۽ جيڪڏھن ڳالھائيندا آھن تہ اُنھن جي ڳالھ (ڪَن ڏيئي) ٻڌندو آھين، (حقيقت ڪري) اُھي ڄڻڪ ڀت سان اُڀيون ڪاٺيون رکيل آھن، سڀڪنھن ھڪل کي پاڻ تي (خطرو) ڀائيندا آھن، اُھي ويري آھن، تنھنڪري کانئن بچندو رھ، الله کين ھلاڪ ڪري! ڪيڏانھن ڦيرائبا آھن؟
63:5 ۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ، اچو تہ الله جو پيغمبر اوھان لاءِ بخشش گھري، تڏھن پنھنجا مٿا موڙيندا آھن ۽ اُنھن کي ڏسندو آھين تہ وڏائي ڪندڙ ٿي رڪجي ويندا آھن
63:6 (تون) اُنھن لاءِ بخشش گھرين يا انھن لاءِ بخشش نہ گھرين تہ انھن لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، انھن کي الله ڪڏھن نہ بخشيندو ڇو تہ الله بي دينن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
63:7 اِھي اھڙا آھن جو (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن تہ جيڪي (مھاجر) الله جي پيغمبر وٽ آھن، تن تي خرچ نہ ڪريو، تان جو (کيس) ڇڏي وڃن ۽ (ھي نہ ڄاڻندا آھن تہ) آسمانن ۽ زمين جا خزانا خاص الله جا آھن، پر (ان ڳالھ کي) مُنافق نہ سمجھندا آھن
63:8 چوندا آھن تہ، جيڪڏھن (اسين) مديني ۾ موٽي پھتاسون تہ وڌيڪ حيثيت وارو تمام ھيڻي کي اُتان ضرور ڪڍي ڇڏيندو، ۽ عزت (رڳو) الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ مؤمنن کي آھي پر (اِھا ڳالھ) منافق نہ ڄاڻندا آھن
63:9 اي ايمان وارؤ! اوھان کي نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان غافل ڪري ۽ جيڪي ايئن ڪندا سي ئي خساري وارا آھن
63:10 ۽ جيڪي اوھان کي روزي ڏني اٿئون، تنھن منجھان اُنھيءَ کان اڳ خرچ ڪريو، جو اوھان مان ڪنھن ھڪڙي کي موت پھچي پوءِ چوڻ لڳي تہ اي منھنجا پالڻھار! جيڪر مون کي ھڪ ويجھيءَ مدت تائين مُھلت ڏين ھا تہ خيرات ڪريان ھا ۽ صالحن مان ٿيان ھا!
63:11 ۽ جڏھن ڪنھن نفس جو اجل ايندو آھي (تڏھن) اُن کي الله ڪڏھن مُھلت نہ ڏيندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو، تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي